ڍاڪا-21 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان خميس ڏينهن ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي صنعت واري صلاحڪار عادل الرحمان سان ملاقات ڪئي. جنهن دوران ٻطرفي سهڪار، سيڙپڪاري ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي بنگلاديش ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر عمران حيدر پڻ موجود هو، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ صنعتي ۽ معاشي صلاحيتن کي گڏيل فائدي …
واپار واري وفاقي وزير جي بنگلاديش جي صنعت واري صلاحڪار سان ملاقات، صنعتي تعاون وڌائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
ڍاڪا-21 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان خميس ڏينهن ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي صنعت واري صلاحڪار عادل الرحمان سان ملاقات ڪئي. جنهن دوران ٻطرفي سهڪار، سيڙپڪاري ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي بنگلاديش ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر عمران حيدر پڻ موجود هو، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ صنعتي ۽ معاشي صلاحيتن کي گڏيل فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو، ملاقات دوران فوڊ سيڪيورٽي، فوڊ ويليو ايڊيشن ۽ صنعتي ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا کي اهم شعبن طور اجاگر ڪيو ويو، ٻنهي ملڪن ماهرن ۽ وفدن جي مٽاسٽا ذريعي علم ۽ تجربن جي سهڪار تي به اتفاق ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان، بنگلاديش جي صنعتي شعبي ۾ سهڪار، گڏيل منصوبن ۽ سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. هن بنگلاديش جي دواسازي، ٽيڪسٽائيل ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ نمايان ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي. بنگلاديش جي صنعت واري صلاحڪار پنهنجي ملڪ جي صنعتي ترقي، وڌندڙ ضرورتن تي روشني وجهندي پاڪستان سان سهڪار ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو، هن چمڙي جي صنعت، جهاز سازي، شگر انڊسٽري، زرعي پراسيسنگ ۽ ايس ايم ايز کي امڪاني سهڪار جا شعبا قرار ڏنو.











