چين جو پرڏيهي وزير وانگ يي پرڏيهي معاملن جي وزارت پهتو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سندس استقبال ڪيو

اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي)  چين جو پرڏيهي وزير وانگ يي پرڏيهي معاملن جي وزارت پهتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار مکيه دروازي تي سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب چيني پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي معاملن جي وزير محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪندو. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن …

اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي)  چين جو پرڏيهي وزير وانگ يي پرڏيهي معاملن جي وزارت پهتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار مکيه دروازي تي سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب چيني پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي معاملن جي وزير محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪندو. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ڇهُون پاڪ چين پرڏيهي وزيرن جو اسٽريٽجڪ ڊائلاگ پڻ چيني پرڏيهي وزير جي دوري دوران منعقد ڪيو ويندو. پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائلاگ جي گڏيل صدارت وانگ يي ۽ اسحاق ڊار ڪندا. چيني پرڏيهي وزير پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائلاگ جي ڇهين دور ۾ اسلام آباد ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪندو.