اسلام آباد-21 آگسٽ(اي پي پي) سياحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر سردار ياسر الياس شاگردن تي زور ڀريو آهي ته هو قيادت، ذميواري ۽ تخليقي سوچ اختيار ڪن ۽ هڪ روشن ۽ خوشحال مستقبل جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙو اظهار هن ميٽرو پوليٽن انٽرنيشنل يونائيٽيڊ ڪاليج (ايم آءِ يو سي) ليجنڊز سمٽ 2025ع ۾ شرڪت جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي مختلف شعبن ۾ ڪامياب شخصيتن پنهنجي …
شاگرد قيادت، ذميواري ۽ تخليقي سوچ اختيار ڪن ۽ هڪ خوشحال مستقبل جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن: سردار ياسر الياس

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آگسٽ(اي پي پي) سياحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر سردار ياسر الياس شاگردن تي زور ڀريو آهي ته هو قيادت، ذميواري ۽ تخليقي سوچ اختيار ڪن ۽ هڪ روشن ۽ خوشحال مستقبل جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙو اظهار هن ميٽرو پوليٽن انٽرنيشنل يونائيٽيڊ ڪاليج (ايم آءِ يو سي) ليجنڊز سمٽ 2025ع ۾ شرڪت جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي مختلف شعبن ۾ ڪامياب شخصيتن پنهنجي ڪاميابين جا داستان ٻڌايا. هن مصنوعي ذهانت (اي آءِ)، جدت ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل تي روشني وڌي. سندس ويزن شاگردن ۾ هڪ نئون جذبو پيدا ڪيو جنهن کي ياسر الياس قيادت، ذميواري ۽ تخليقي سوچ کي اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏني ته جيئن هو هڪ روشن ۽ خوشحال مستقبل جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.











