وزيراعظم جي واپار واري خاص معاون راڻا احسان افضل خان سان آذربائيجان جي سفير ملاقات

اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي واپار واري خاص معاون راڻا احسان افضل خان سان آذربائيجان جي سفير ملاقات ڪئي. جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ واپاري ۽ اقتصادي روڊ ميپ جي عملدرآمد تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين ڊگهي مدي واري تعاون کي وڌائڻ ۽ ڪاروبار سان ڪاروباري لاڳاپن کي وڌائڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ نجي شعبي …

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي واپار واري خاص معاون راڻا احسان افضل خان سان آذربائيجان جي سفير ملاقات ڪئي. جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ واپاري ۽ اقتصادي روڊ ميپ جي عملدرآمد تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين ڊگهي مدي واري تعاون کي وڌائڻ ۽ ڪاروبار سان ڪاروباري لاڳاپن کي وڌائڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ان جي تحفظ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ڳالهه ٻولهه ۾ هوابازي جي شعبي ۾ مممڪن موقعن جو پڻ جائزو ورتو ويو.