اطلاعات ۽ نشريات جي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري جي پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ملاقات

اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي)اطلاعات ۽ نشريات جي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ، سمنڊ پار پاڪستانين جي مدد ڪرڻ ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ بئريسٽر دانيال چوڌري پاڪستان جي جمهوري سفر کان آگاهه ڪندي، تعميري ڳالهه جو اهميت ۽ جمهُوريت …

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي)اطلاعات ۽ نشريات جي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ، سمنڊ پار پاڪستانين جي مدد ڪرڻ ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ بئريسٽر دانيال چوڌري پاڪستان جي جمهوري سفر کان آگاهه ڪندي، تعميري ڳالهه جو اهميت ۽ جمهُوريت جي مظبوطي لاءِ ادارن جي اهميت کي اُجاگر ڪيو. مُلاقات ۾ هڪ مضبوط ۽ مستحڪم جمهوري فريم ورڪ کي فروغ ڏيڻ ۾ گڏيل دلچسپي تي زور ڏنو ويو، جنهن ۾ سٺي حڪمراني ۽ شهري شموليت کي فروغ ڏيڻ تي پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ برطانيه ۾ پاڪستاني نزاد شهرين سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن ۾ ٽيڪس ۽ عام سهولتُون شامل آهن. برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ پرڏيهي پاڪستانين جي مدد لاءِ جاري ڪوششن جي آجيان ڪئي ۽ انهن لاءِ خدمتن کي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. بئريسٽر دانيال چوڌري سماجي سڌارن جي حوالي سان خدمتن ۽ وڌيڪ ترقي جي لاءِ بااختيار مقامي حڪومتن جي اهميت تي زور ڏنو. هن غلط معلومات کي منهن ڏيڻ ۽ بين الاقوامي سطح تي پنهنجي بيانيو پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي حڪومت پاران ڪيل ڪوششن کي به اجاگر ڪيو. بئريسٽر دانيال چوڌري جيڪو غربت جي خاتمي ۽ تعليم سان لاڳاپيل ايس ڊي جيز بابت پارلياماني ڪميٽين جو سرگرم ميمبر آهي تنهن برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ کي سندس تڪ ۾ تعليمي سڌارن جو مُشاهدو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هِن جو ڌيان پنهنجي تڪ ۾ اسڪُولن جُون عالمي معيار جُون عمارتُون تعمير ڪرڻ ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا وڌائڻ آهي. مُلاقات ۾ غربت کي گهٽائڻ ۽ غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف حڪمت عملين تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو. پارلياماني سيڪريٽري رابطن جي حڪمت عملين کي جديد بڻائڻ، پرڏيهي پاڪستانين جي مدد ڪرڻ ۽ شهرين کي پاليسي سازي ۾ اهم حيثيت ڏيڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.