اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جو ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن جاري آهي، پاڪ فوج جي ٽيمن مختلف جاين تي بند پيل رستن کي کولڻ جو ڪم مڪمل ڪري ٽريفڪ بحال ڪري ڇڏي. تفصيل موجب خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج پاران ريسڪيو ۽ ريليف آپريشنز جاري آهن. پاڪ فوج جا جا انجينئر ڪور جا دستا شانگلا …
پاڪ فوج جو خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جو ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن جاري آهي، پاڪ فوج جي ٽيمن مختلف جاين تي بند پيل رستن کي کولڻ جو ڪم مڪمل ڪري ٽريفڪ بحال ڪري ڇڏي. تفصيل موجب خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج پاران ريسڪيو ۽ ريليف آپريشنز جاري آهن. پاڪ فوج جا جا انجينئر ڪور جا دستا شانگلا ۽ بونير ۾ متاثر جاين تي مقرر آهن ۽ عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. پاڪ فوج جي ٽيمن پير بابا باءِ پاس تي ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪرڻ کانپوءِ رستي کي هر قسم جي ٽريفڪ جي لاءِ کولي ڇڏيو، عوام جي سهولت لاءِ پير بابا بازار ۾ سڄي رات ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري رهيو ته جيئن اچ وڃ بحال رکي سگهجي. هوڏانهن پاڪ جي وڏي مشينري 7 مختلف جاين تي لينڊ سلائيڊز کان متاثر الوچ – پُورن 20 ڪلوميٽر ڊگهي رستي کي بحال ڪري ڇڏيو آهي. ريسڪيو آپريشن کانپوءِ پُورن ڳوٺ جو زميني رابطو پڻ بحال ٿي ويو آهي جڏهن ته مڪمل بحالي تائين امدادي سرگرميون جاري رهنديون.











