اين ڊي ايم اي پاران برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر اترئين علائقن ۾ موسمياتي صورتحال ۽ رستن جي بندش جي ڏس ۾ سفري سرگرمين جي لاءِ الرٽ جاري

اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر اترئين علائقن ۾ موسمياتي صورتحال ۽ رستن جي بندش جي ڏس ۾ سفري سرگرمين جي لاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب اترئين علائقن خاص طور تي گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي ڪري ڪيترائي رستا شديد متاثر ٿيا …

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر اترئين علائقن ۾ موسمياتي صورتحال ۽ رستن جي بندش جي ڏس ۾ سفري سرگرمين جي لاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب اترئين علائقن خاص طور تي گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي ڪري ڪيترائي رستا شديد متاثر ٿيا آهن. شيوڪ ۾ سلتورو درياءَ جي پُل لينڊ سلائيڊنگ کان متاثر ٿيڻ جي ڪري مڪمل بند ٿي وئي آهي. جگلوٽ – اسڪردو روڊ تي آستڪ پُل جي متاثر ٿيڻ سان ون وي ٽريفڪ جاري آهي. ديان کان غذر، شندور، خلتي، دين ۽ اشڪو من روڊز پڻ شديد متاثر ٿيا آهن ۽ ٽريفڪ جي لاءِ مڪمل بند آهن. اهڙي طرح اسڪردو ۾ ڪارگل، خرمنگ ۽ ٿنگل نالي کان شگر جو رستو پڻ بند ٿي ويو آهي. گلگت روڊ نلتر واري جڳهه تي ٽريفڪ جي لاءِ بند آهي جڏهن ته بحالي کانپوءِ گانچي ۾ سرمو پُل ۽ اسڪردو ۾ باغيچه روڊ کي ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو آهي. اهڙي طرح هنزه ۾ گلميت کان گوجال روڊ، گلگت ۾ جگلوٽ کان گرو روڊ ۽ استور ۾ چلم روڊز پڻ بحال ڪيا ويا آهن. اين ڊي ايم اي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته متاثر رستن تي سفر کان پاسو ڪيو وڃي ۽ متبادل يا غيرمحفوظ رستن جو استعمال نه ڪيو وڃي. شهرين کي درخواست آهي ته لاڳاپيل ادارن جي هدايت تي عمل ڪن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان مڪمل تعاون ڪن. نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر مسلسل صورتحال تي نظر رکي آهي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي وقت سر معلومات فراهم ڪري رهيو آهي ته جيئن اڳواٽ تياري يقيني بڻائي سگهجي. ترجمان چيو ته شهرين کي گذارش اهي ته تازه ترين معلومات جي لاءِ اين ڊي ايم اي جي الرٽس تي عمل ڪن ۽ غيرضروري سفر کان پاسو ڪن.