پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران ضمني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ پارٽي ٽڪيٽ جي خواهشمند اميدوارن کي درخواستون جمع ڪرائڻ جي هدايت

لاهور - 20 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ضمني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ پارٽي ٽڪيٽ جي خواهشمند اميدوارن کي پنهنجون درخواستون فوري طور تي جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. پارٽي ترجمان موجب جن تڪن ۾ ضمني چونڊون ٿي رهيون آهن انهن ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 143 ساهيوال، اين اي 185 ڊيره غازي خان ۽ صوبائي اسيمبلي جو تڪ پي پي 203 …

لاهور – 20 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ضمني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ پارٽي ٽڪيٽ جي خواهشمند اميدوارن کي پنهنجون درخواستون فوري طور تي جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. پارٽي ترجمان موجب جن تڪن ۾ ضمني چونڊون ٿي رهيون آهن انهن ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 143 ساهيوال، اين اي 185 ڊيره غازي خان ۽ صوبائي اسيمبلي جو تڪ پي پي 203 ساهيوال شامل آهن. تنهن ڪري پارٽي ٽڪيٽ جا خواهشمند اميدوار پنهنجون درخواستون پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ايڇ – 180 ماڊل ٽائون لاهور ۾ فوري طور تي جمع ڪرائين. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران گذريل ڏينهن ضمني چونڊن جو باضابطا شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي.