اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري واپس پاڪستان جي لاءِ روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ٽه ڌريي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن جو ڇهون ٽي ڌريو اجلاس ڪابل ۾ ٿيو. نائب وزيراعظم سان گڏ افغانستان جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري واپس پاڪستان جي لاءِ روانو

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري واپس پاڪستان جي لاءِ روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ٽه ڌريي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن جو ڇهون ٽي ڌريو اجلاس ڪابل ۾ ٿيو. نائب وزيراعظم سان گڏ افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائندو محمد صادق ۽ پرڏيهي وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ واپار، علائقائي رابطن ۽ دهشتگردي جي خلاف تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي افغان نگران پرڏيهي وزير سان ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي.











