پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشانِ حيدر) جي 54 هين يوم شهادت تي قوم پاران خراج عقيدت پيش

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي)پاڪ فضائيه جي جانباز هيرو پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد ( نشانِ حيدر) جي 54 هين يوم شهادت تي قوم شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو، پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد جون يادون اڄ به محفوظ آهن. پائليٽ آفيسر راشد منهاس 17 فيبروري 1951ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ۽ 14 مارچ 1971ع تي پاڪستان فضائيه جي 51 هين جي ڊي پي ڪورس ۾ ڪميشن …

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي)پاڪ فضائيه جي جانباز هيرو پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد ( نشانِ حيدر) جي 54 هين يوم شهادت تي قوم شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو، پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد جون يادون اڄ به محفوظ آهن. پائليٽ آفيسر راشد منهاس 17 فيبروري 1951ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ۽ 14 مارچ 1971ع تي پاڪستان فضائيه جي 51 هين جي ڊي پي ڪورس ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، 20 آگسٽ 1971ع تي پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد قرباني جو هڪ نه وسارڻ جهڙو داستان لکيو، ان ڏينهن پائليٽ آفيسر راشد منهاس معمول جي ٽريننگ فلائيٽ لاءِ جهاز ۾ سوار ٿيو ته سندس بنگالي انسٽرڪٽر زردستي جهاز جي ڪاڪ پٽ ۾ گهڙي آيو ۽ جهاز جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو. پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد کي جيئن ئي احساس ٿيو ته جهاز جو رخ ڀارتي سرحد ڏانهن مڙي چڪو آهي ته هن جهاز جو ڪنٽرول سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي، ان وقت جهاز ڀارتي سرحد کان صرف 40 ميل جي مفاصلي تي هو، پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد جهاز جو رخ موڙڻ لاءِ مزاحمت ڪئي ۽ انسٽرڪٽر کي چيو ته آئون تو کي ڪنهن به صورت ۾ ڀارتي سرحد پار ڪرڻ نه ڏيندس، ان کانپوءِ پائليٽ آفيسر راشد منهاس جهاز جو رخ زمين طرف موڙي ڇڏيو ۽ انسٽرڪٽر جي ڪوششن باوجود جهاز ڀارتي سرحد کان 32 ميلن جي مفاصلي تي تباهه ڪري ڇڏيو. پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد پنهنجي جان جي قرباني ڏئي جهاز کي دشمن ملڪ ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد نشان حيدر جو اعزاز حاصل ڪندڙ سڀ کان ننڍي عمر جو مجاهد هو، پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد قائداڻي صلاحيتن جو عملي نمونو پيش ڪيو، پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد پنهنجي حياتي وطن تان قربان ڪري ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه بڻجي ويو.