اين اي او سي پاران ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي، حيدرآباد، ٺٺو، بدين، ميرپورخاص، سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ انتھائي تيز برسات جاري رھڻ جي اڳڪٿي

اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) سنڌ صوبي لاءِ موسمياتي خبرداري جاري ڪندي چيو آھي ته ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي، حيدرآباد، ٺٺو، بدين، ميرپورخاص، سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ انتھائي تيز برسات جاري رھڻ جو امڪان آھي، گھٽ وقت ۾ 50 کان 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات ٿي سگھي ٿي. اين اي او سي طرفان …

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) سنڌ صوبي لاءِ موسمياتي خبرداري جاري ڪندي چيو آھي ته ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي، حيدرآباد، ٺٺو، بدين، ميرپورخاص، سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ انتھائي تيز برسات جاري رھڻ جو امڪان آھي، گھٽ وقت ۾ 50 کان 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات ٿي سگھي ٿي. اين اي او سي طرفان جاري تفصيلن مطابق ان دوران ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر ۾ شديد برساتن ۽ خراب نيڪال سبب شھري ٻوڏ (اربن فلڊ) برقرار رھڻ جو خطرو آھي جڏھن ته ٺٺو، بدين، ڄامشورو ۽ دادو جي ضلعي ۾ اوچتو ٻوڏ جو به خطرو آھي. اين اي او سي چيو آھي ته سنڌو درياهه ۽ ان جي مددگار واھن ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سبب ھيٺاهين وارن علائقن ۾ چاڙهه جو خطرو آھي جڏھن ته مرڪزي شاھراھن ۽ مقامي رستا پاڻي ھيٺ ھجڻ سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ پڻ متاثر ٿيڻ جو امڪان آھي، بجلي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز ۾ رڪاوٽن جو وقت وڌي سگھي ٿو. مقامي آبادين کي ھدايت ڪئي وئي آھي ته ٻوڏ جي خطرن کان متاثر علائقن جا رھواسي قيمتي شيون ۽ ڍورن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪن، ھنگامي سامان (کائڻ، پيڻ، دوائون، فرسٽ ايڊ ڪٽ) تيار رکن، بجلي جي اوزارن کي استعمال ڪرڻ ۾ احتياط ڪن ۽ پاڻي وارن رستن ۽ بجلي وارن ھنڌن ۽ ٿنڀن کان پري رھن.