ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان بيلاروس جي گادي واري شھر منسڪ پھچي ويو

منسڪ - 20 آگسٽ (اي پي پي) ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان، صدر اليگزنڊر لوڪاشنڪو جي دعوت تي بيلاروس جي گادي واري شھر منسڪ پھچي ويو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان پنھنجي دوري ۾ بيلاروس جي صدر اليگزنڊر لوڪاشنڪو کان علاوه بيلاروس جي پارليامينٽ جي اسپيڪر، بيلاروس ۾ ترسيل ايرانين سان به ملاقات ڪندو. صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي دوري دوران بيلاروس ۾ ٻنھي ملڪن وچ …

منسڪ – 20 آگسٽ (اي پي پي) ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان، صدر اليگزنڊر لوڪاشنڪو جي دعوت تي بيلاروس جي گادي واري شھر منسڪ پھچي ويو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان پنھنجي دوري ۾ بيلاروس جي صدر اليگزنڊر لوڪاشنڪو کان علاوه بيلاروس جي پارليامينٽ جي اسپيڪر، بيلاروس ۾ ترسيل ايرانين سان به ملاقات ڪندو. صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي دوري دوران بيلاروس ۾ ٻنھي ملڪن وچ ۾ سھڪار جي ڪيترن ئي دستاويزن تي صحيحون به ڪيون وينديون.