سعودي سفير سوئٽزرلينڊ جي صدر کي  سفارتي ڊگري پيش ڪري ڇڏي

برن _ 20 آگسٽ (اي پي پي ) سوئٽزرلينڊ ۾ مقرر نئين سعودي سفير عبدالرحمان الدوائود سوئس ڪنفيڊريشن جي صدر ڪيرن ڪيلر سٽر کي سفارتي ڊگري پيش ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي سفير گذريل ڏينهن سوئس گادي واري شهر برن جي صدارتي محل ۾ منعقد آجياڻي واري تقريب ۾ پنهنجي  سفارتي ڊگري پيش ڪئي . سعودي سفير ان موقعي تي سعودي قيادت طرفان صدر ڪيرن ڪيلر سٽر کي پيغام …

برن _ 20 آگسٽ (اي پي پي ) سوئٽزرلينڊ ۾ مقرر نئين سعودي سفير عبدالرحمان الدوائود سوئس ڪنفيڊريشن جي صدر ڪيرن ڪيلر سٽر کي سفارتي ڊگري پيش ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي سفير گذريل ڏينهن سوئس گادي واري شهر برن جي صدارتي محل ۾ منعقد آجياڻي واري تقريب ۾ پنهنجي  سفارتي ڊگري پيش ڪئي . سعودي سفير ان موقعي تي سعودي قيادت طرفان صدر ڪيرن ڪيلر سٽر کي پيغام ڏنو ۽ سوئس حڪومت ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو . سوئس صدر به سعودي قيادت لاءِ پيغام ۾ ٻنهن ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي واکاڻ ڪئي . هن سعودي سفير جي آجيان ڪندي ٻنهن ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي سطح کي ساراهيو . هن سعودي سفير جي آجيان ڪندي سندس ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو .