پاڪ فضائيه گلگت بلتستان ۾ وڏي پئماني تي فلڊ رليف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي -20 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه گلگت بلتستان ۾ وڏي پئماني تي فلڊ رليف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، مشڪل موسمي حالتن ۽ ڏکين جابلو علائقن اندر پختي عزم جو مظاهرو ڪندي، پاڪ فضائيه جي سي-130 جهاز ذريعي 7 ٽن خشڪ راشن، روزاني جي استمال جون شيون، عام واهپي ۽ زندگي بچائڻ واريون دوائون پي اي ايف بيس نور خان تان گلگت لاءِ روانيون ڪيون. آءِ ايس پي …

راولپنڊي -20 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه گلگت بلتستان ۾ وڏي پئماني تي فلڊ رليف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، مشڪل موسمي حالتن ۽ ڏکين جابلو علائقن اندر پختي عزم جو مظاهرو ڪندي، پاڪ فضائيه جي سي-130 جهاز ذريعي 7 ٽن خشڪ راشن، روزاني جي استمال جون شيون، عام واهپي ۽ زندگي بچائڻ واريون دوائون پي اي ايف بيس نور خان تان گلگت لاءِ روانيون ڪيون. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب اها کيپ ڏورانهن علائقن جي ٻوڏ متاثر وادين ۾ نيشنل ڊزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي سان گڏجي ورهائي ويندي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته مواصلاتي لائينن جي خرابي سبب رابطن مان ڪٽيل پريشان حال خاندانن تائين ضروري سامان پهچي وڃي. انساني همدردي جي ڪوششن ۾ 75 ڦاٿل ماڻهن کي به پي اي ايف جي امدادي ٽيمن آفت سٽيل علائقن مان ڪڍيو. اها تيز رفتار ۽ مربوط ڪارروائي ملڪ گير هنگامي امدادي مهم جو حصو آهي، جيڪا قدرتي آفتن دوران حياتين جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي مسلسل عزم کي اجاگر ڪري ٿي. ايندڙ ڏينهن ۾ پي اي ايف جا جهاز ۽ زميني ٽيمون مسلسل امدادي ڪارروائين ۾ مصروف رهنديون، خوراڪ، دوائن، پناهگاهن ۽ طبي امداد ڪمزور طبقن تائين پهچائي ويندي. پاڪ فضائيه جي وقت سر ۽ پرعزم جواب گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر خاندانن لاءِ نيون اميدون پيدا ڪيون آهن جنهن آزمائش جي هر گهڙي ۾ قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هئڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي.