ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ڀرپور امدادي سرگرميون جاري آهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آرمي چيف جي هدايت تي پاڪ فوج ۽ پاڪ فضائيه امدادي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي رهي آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هاڻي تائين 6903 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو، 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي مدد فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته اين ڊي …

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آرمي چيف جي هدايت تي پاڪ فوج ۽ پاڪ فضائيه امدادي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي رهي آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هاڻي تائين 6903 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو، 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي مدد فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر چيو ته سمورن ادارن جي مربوط ۽ گڏيل ڪوششن سان 17 آگسٽ کان هاڻي تائين 25 هزار ماڻهن کي بچايو ويو آهي. 23 آگسٽ تائين برساتن جو ستون اسپيل تيز هوندو. اهڙو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر سان سانوڻي جي برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان اين ڊي ايم اي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي هدايت تي پاڪ فوج ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهي. ڪي پي ڪي ۾ انفينٽري ۽ ايف سي جا 8 يونٽس امدادي ڪاررواين ۾ سرگرم آهن. هڪ يونٽ گلگت بلتستان ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهي. هن چيو ته روڊ انفراسٽرڪچر جي حالت انتهائي خراب آهي، رستن جي بحاليءَ لاءِ انجنيئرز بٽالينز ڪم ڪري رهي آهي، ڪي پي ڪي ۾ 90 روڊن کي بُريءَ طرح نقصان پهتو، 9 هنڌن کي ڪليئر ڪيو ويو آهي، جگلوٽ اسڪردو روڊ کي به ڪليئر ڪيو ويو آهي. استڪ پُل تي ڪم جاري آهي، جلد کان جلد ان کي به کوليو ويندو. هن چيو ته 3 ميڊيڪل بٽالينز کان علاوه سي ايم اي مان ڊاڪٽرن جي ٽيم کي ڪي پي ڪي روانو ڪيو ويو آهي، 9 ميڊيڪل ڪيمپن ذريعي متاثرن کي طبي امدادي فراهم ڪئي پئي وڃي، 6903  ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو، هاڻي تائين 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي امداد فراهم ڪئي وئي. هن چيو ته آرمي چيف جي هدايت تي پاڪ فوج پاران هڪ ڏينهن جو راشن ٻوڏ متاثرن لاءِ رکيو ويو آهي جيڪو 585 ٽن آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي ايوي ايشن به امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهي آهي. بونير ۾ 2 بٽالين، شانلگه ۾ 2، سوات ۾ هڪ، دير ۾ هڪ ايف سي ونگ، باجوڙ ۾ هڪ ايف سي ونگ ۽ سوات ۾ هڪ ڪمپني امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، پير بابا جي علائقي ۾ بيس قائم ڪئي وئي آهي، جتي آرمي ۽ سول ريسورسز گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. ايئر فورس جي سي – 130 جهازن ذريعي امدادي سامان فراهم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته آرمي جيا سگنلز يونٽس پي ٽي اي سان گڏجي متاثر علائقن ۾ ٽيليڪام سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، 16 بي ٽي ايس ٽاور جي مرمت ڪئي وئي آهي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين چيو ته اُترين علائقن ۾ گليشيئرز پگهرجڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي، اين ڊي ايم اي جي ويب سائٽ تي برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال بابت سمورا تفصيل موجود آهن. مختلف علائقن ۾ ڪڪر ڦاٽڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي، برساتن ۽ ٻوڏ سبب 670 ماڻهو فوت ۽ هڪ هزار زخمي ٿيا، گُم ٿيل ماڻهن مان گهڻن جا لاش مليا آهن، سمورن لاپتا ماڻهن جي تلاش تائين امدادي سرگرميون جاري رهنديون. هن چيو ته آرمي چيف لاڳاپيل ادارن سان گڏجي امدادي سرگرمين جي هدايت ڪئي، ٻوڏ متاثرن جي بچاءُ ۽ تلاش جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃي، سمورن ادارن جي مربوط ۽ گڏيل ڪوشش سان 17 آگسٽ کان هاڻ تائين 25 هزار ماڻهن کي بچايو ويو آهي، زخمين کي اسپتال پهچايو ويو، بهترين طبي امداد ڏني پئي وڃي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين چيو ته 23 آگسٽ تائين برساتن جو ستون اسپيل تيز هوندو، برساتن جي نئين اسپيل جي حوالي سان تياري مڪمل آهي. هن چيو ته اُتر پنجاب، گلگت بلتستان جي ڪجهه علائقن ۾ اهو اسپيل ممڪن آهي، مختلف ذريعن سان عوام کي ڄاڻ فراهم ڪئي پئي وڃي، اين ڊي ايم اي جي موبائل ايپ پاڪ- اين ڊي ايم اي ڊزاسٽر الرٽ تي به وقت تي معلومات ۽ آگاهي فراهم ڪئي پئي وڃي، متاثر علائقن جا شهري ان ڄاڻ کان آگاهي حاصل ڪري سگهن ٿا. چيئرمين اين ڊي ايم اي چيو ته پي ايم راشن پيڪيج تحت ٻوڏ سبب متاثر 5 ضلعن ۾ امداد جي ٽين کيپ اُماڻي پئي وڃي، امدادي سامان ۾ دوائون ۽ راشن موجود آهي. هن ٻُڌايو ته هاڻ تائين روڊن جو بحاليءَ جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، 22 آگسٽ تائين انهن علائقن تائين مڪمل رسائي بحال ڪئي ويندي. هن چيو ته متاثر علائقن ۾ گهرن سميت انفراسٽرڪچر جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي.