قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسيپڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه سان نيپال جي پارلياماني وفد جي ملاقات

اسلام آباد-19 آگسٽ(اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسيپڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه سان نيپال جي پارلياماني وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي پارلياماني، اقتصادي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسيپڪر وفد جو پارليامنٽ هائوس ۾ ڀليڪار ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان نيپال سان پنهنجن پراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن ٻنهي ملڪن ۾ پارلياماني رابطن …

اسلام آباد-19 آگسٽ(اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسيپڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه سان نيپال جي پارلياماني وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي پارلياماني، اقتصادي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسيپڪر وفد جو پارليامنٽ هائوس ۾ ڀليڪار ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان نيپال سان پنهنجن پراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن ٻنهي ملڪن ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته پارلياماني رابطا ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. قومي اسيمبلي آف پاڪستان ۾ پاڪ- نيپال فرينڊ شپ گروپ قائم ڪيو ويو آهي. پارلياماني فرينڊ شپ گروپ ٻنهي ملڪن ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ٻنهي ملڪن ۾ سياحت ۽ ٻين اقتصادي شعبن ۾ سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. قومي اسيمبلي آف پاڪستان ۾ عورت ميمبر پارليامنٽ تي ٻڌل ويمن پارلياماني ڪاڪس جوڙو ويو آهي. ويمن پارلياماني ڪاڪس عورتن کي بااختيار بڻائڻ، انهن جي حقن جي تحفظ ۽ فلاح ۽ بهبود لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. موسمياتي تبديلي پاڪستان سميت خطي جي ٻين ملڪن لاءِ وڏو چئلينج آهي. هاڻوڪين برساتن ۾ پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي جاني مالي نقصان ٿيو آهي. پاڪستان 2022ع کان مسلسل موسمياتي تبديلين جو شڪار ٿي رهيو آهي. وفد جي ميمبرن پاڪستان ۾ ڪلائوڊ برسٽ ۽ ٻوڏ سبب قيمتي جاني مالي نقصان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وفد قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسيپڪر کي 78هين يوم آزادي جون مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته نيپال پاڪستان سان پنهنجن دوستاڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. عوامي سطح تي رابطا ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهميت وارا آهن. نيپال جي وفد جي ميمبرن شاندار استقبال تي قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسيپڪر جو شڪريو ادا ڪيو.