سينيٽ پاران دهشتگردي جي خاتمي وارو (ترميمي) بل 2025ع منظور

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ اڪثريت راءِ سان دهشتگردي جي خاتمي وارو (ترميمي) بل 2025ع منظور ڪري ورتو، جڏهن ته قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته دهشتگردي مان نجات لاءِ اسان کي سياست کان مٿانهون ٿي قانونسازي ڪرڻي پوندي. سينيٽ ۾ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي ايڪٽ 1997ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل قومي اسيمبليءَ …

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ اڪثريت راءِ سان دهشتگردي جي خاتمي وارو (ترميمي) بل 2025ع منظور ڪري ورتو، جڏهن ته قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته دهشتگردي مان نجات لاءِ اسان کي سياست کان مٿانهون ٿي قانونسازي ڪرڻي پوندي. سينيٽ ۾ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي ايڪٽ 1997ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل قومي اسيمبليءَ مان منظور هجن جي صورت ۾ بحث هيٺ آڻڻ جي اجازت ڏني وڃي، ان تي مخالف ڌر طرفان اعتراض ڪيو ويو. ان تي ڳالهيون ڪندي سينيٽر علي ظفر چيو ته هي قانون غير معمولي وقت ۾ ملڪ کي غير معمولي صورتحال مان ڪڍڻ ۽ دهشتگرديءَ جي لعنت مان ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ بڻايو ويو، لکين پاڪستاني دهشتگرديءَ سبب شهيد ٿيا، اسان سڀ دهشتگردن خالف جنگ ۾ گڏ آهيون ۽ اها جنگ کٽينداسين، جڏهن ته ان ترميمي بل جي منظوري ۾ جلد بازي نه ڪئي وڃي، ان ترميم کي ڪميٽيءَ ۾ اُماڻيو وڃي. وفاقي وزير ان جو جواب ڏيندي چيو ته محرم علي ڪيس ۾، مان به ان جي پروسيڊنگ جو حصو رهيس. اي پي ايس سانحي کانپوءِ مخالف ڌر جي صلاح مشوري سان اها ترميم ڪئي وئي هئي. آرٽيڪل 10 ۾ نظربندي جي قانون کي واضح ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هي آئيني ضمانت موجب آهي ته ملڪ دهشتگرديءَ جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، دهشتگردن خلاف وڙهندڙ فورسز کي تحفظ ڏيڻ هن پارليامينٽ جو ڪم آهي. هن ٻُڌايو ته هي صرف فوج جي استعمال هيٺ نه هوندو. وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي اهو اختيار آهي ته هو فوج کي سول انتظاميه جي مدد لاءِ طلب ڪري سگهي ٿي، فوج اتي ئي ان ترميم جو حق استعمال ڪري سگهي ٿي، صوبن ۾ استعمال ٿيندي ته ان جون صوبائي حڪومتون منظوري ڏينديون. اها نظربندي يا تحويل 3 مهينن لاءِ هوندي. 245 جي حڪمن کي چئلينج ڪرڻ لاءِ وفاقي يا صوبائي سطح تي رويو بورڊ هوندا اتي اها تحويل چئليج ٿيندي ۽ ان جو فيصلو ٿيڻو آهي ته ان ۾ واڌ يا خاتمو ڪيو وڃي. هن ٻُڌايو ته حفاظتي منتقلي لاءِ شاهد ۽ ٺوس ڪارڻ هجن. ان جي انڪوائري ڪرڻي آهي گُم يا غائب ناهي ڪرڻو، جبري گمشدگي جي خاتمو مقصد آهي. احد چيما کي کنڀي سوا ٽي سال جيل ۾ رکيو ويو. هن چيو ته هي قانون رائج الوقت هو. دهشتگردي جي خاتمي جو قانون تمام سخت هو، گاڏين مان لاهي شناختي ڪارڊ ڏسي گوليون هنيون وڃن ٿيون ته پنجابي آهي ته توکي جيئڻ جو حق ناهي، اهو ڪٿان جو قانون آهي، ڪهڙو قانون يا آئين ان جي اجازت ڏئي ٿو، اسان ڇو هٿَ ٻَڌيو بيٺا آهيون، اسان ايڪشن ڇو نٿا کڻون، رياست بي بس ڇو آهي، قانونسازي هن ايوان جو فرض آهي، ان تي سياست نه ڪريو، ملڪ هوندو ته اقتدار هوندو ۽ اسان ۽ اوهان سڀ اقتدار ۾ اينداسين، پاڪستان کي سڀ کان پهرين رکو. هن چيو ته الله ڪري اسان دهشتگردي مان نجات حاصل ڪري سگهون. هن چيو ته 1973ع جي آئين موجب آرٽيڪل 10 مطابق باقاعده ڪيس بڻائي اهڙن ملزمن کي تحويل ۾ رکيو ويندو. اسان جي موجوده معروضي حالتن ۾ ان کان وڌيڪ حفاظتي تحويل ۾ رکڻ جي اجازت هئڻ گهرجي. ان قانون جي جوڊيشل ڇنڊڇاڻ ٿي چڪي آهي. ان کي منظور ڪيو وڃي، 2014ع تي لاڳو ٿيو ۽ ٻه سال لاڳو رهيو، ٻن سالن لاءِ لاڳو هو ۽ پوءِ مُدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ختم ٿيو، ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ ترميمون شامل ڪيون ويون. شيري رحمان چيو ته اسان ان بل تي سخت محنت ڪئي آهي، اسان هتان جي ماڻهن جي حقن جا ضامن آهيون، اسان دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ کان وڌيڪ دهشتگرديءَ خلاف جنگ وڙهي آهي، اسان قربانيون ڏئي هتي آيا آهيون، اسان کي گُم ڪيو ويو. اسان جي ڪوشش هئڻ گهرجي ته انصاف ٿئي ۽ آئين مطابق ٿئي، ائين نه ٿئي جو جعفر ايڪسپريس جو سانحو ٿيو ۽ ان جا ڏوهاري آزاد ٿي وڃن. ان قانون تحت کنيل قدمن ۽ ان بابت آگاهي ٿيندي. هن چيو ته اي پي ايس کان پوءِ ان تي مهينو بحث ٿيو ان تي عملدرآمد صوبو ڪندو. سينيٽر فيصل سبزواري چيو ته قانون وارو وزير تمام گهڻيون وضاحتون ڪري چڪو آهي. پاڪستان جي آئين ۾ حفاظتي تحويل شامل هئي اسان به ان جا شڪار رهياسين، جتي ڪو سياسي ڪارڪن لاپتا آهي ان کي عدالت ۾ پيش ڪريو، سزا ڏئي جيل ۾ وجهو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردي ڪري رهيا آهن انهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اها سهولت گهربل آهي. دهشتگرد کي پناهه ڏيڻ ڏوهه آهي. مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني ليڊر عرفان صديقي چيو ته اسان مؤقف سٺي طريقي سان نٿا سُڃاڻون، جيڪا بريفنگ هتي ڏني وئي اها ٻاهر هئڻ گهرجي ها، اها اسان جي ڪمزوري آهي، ان کي تسليم ڪريون ٿا. ان تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. ڪنهن به شخص کي قيد، جيل يا مُنهن تي ڪپڙو ويڙهي ڏسي افسوس ٿئي ٿو. فواد چوڌري کي مُنهن تي ڪپڙو وجهي وٺي وڃڻ تي مون هتي اعتراض واريو هو. اهڙيءَ طرح شاهه محمود قريشي کي هٿڪڙين ۾ ڏسي ڏُک ٿئي ٿو. احساس رکندڙ شخص انهن شين جي حمايت نٿو ڪري سگهي. اسان نٿا چاهيون ته مخالف ڌر سان ائين ٿئي جيئن اسان سان ٿيو. جڏهن ته اسان به اهو نٿا چاهيون ته دهشتگرد آزاديءَ سان گهمندا وتن. اسان جي معصوم ماڻهو ذبح ٿيندا رهن، اهي ڪير آهن، انهن مسئلن جي ڪري اسان جي فيڊريشن ۽ يڪجهتي متاثر ٿئي ٿي. اسان اهو نٿا چئون ته اهو ڪو جمهوري قانون آهي پر حالتن جي ضرورتن تحت قانونسازي ٿئي ٿي يا پوءِ اسان دهشتگردن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪريون. اهو قانون ڪنهن ڏوهه جي روڪٿام لاءِ هوندو، جنهن کي گرفتار ڪيو وڃي ته کيس پهرين ڏوهه جي حوالي کان آگاهه ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪ سڙي رهيو آهي، ان قانونسازي ۾ مدد ڪريو، اسان کي ان دهشتگرديءَ جي طوفان کي روڪڻو آهي. قانون کي مخالف ڌر جو رستو روڪڻ جو ذريعو نه سمجهيو وڃي. باپ پارٽي جي پارلياماني ليڊر منظور ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ڪيستائين ان دهشتگرديءَ جي لپيٽ ۾ رهندو. هاڻ وقت اچي چڪو آهي ته اسان کي گڏجي دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪرڻ گهرجي. اسان سڀ گڏجي پنهنجن ٻارن لاءِ هڪ سٺو قدم کڻڻ وڃي رهيا آهيون ان تي عمل هئڻ گهرجي. نورالحق قادري چيو ته دهشتگردي جي خاتمي جي قانون جي ڪو مخالفت ڪري ٿو ته اهو تصور نه ڪيو وڃي ته دهشتگردي جي حمايت ڪن ٿا، اسان دهشتگرديءَ سبب سڀ کان وڌيڪ شڪار ٿيا آهيون. ان ترميم سان ڏٺو وڃي ته ان ترميم سان دهشتگردي وڌندي يا ختم ٿيندي. ڪامران مرتضيٰ چيو ته حڪومتي ترميمن جي مخالفت ڪرڻ جو مقصد اهو ناهي ته ڪو دهشتگرديءَ جو حامي آهي جڏهن ته ائين ناهي. 90 ڏينهن جي تحويل کانپوءِ وڌيڪ وقت تائين حراست هيٺ رکڻ جي شق شامل آهي ان ۾ وقت ناهي ڏنو ويو. تحريڪ جي منظوريءَ کان پوءِ چيئرمين شق وار منظوري ورتي ۽ ان ۾ حڪومتي ترميمون منظور ڪري ورتيون. ڪامران مرتضيٰ چيو ته ترميم سان اها رٿ به شامل هئي ان کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڏانهن اُماڻيو وڃي. هن ترميم پيش ڪئي، ايوان ۾ پيش ڪيل ترميمن کي اڪثريت سان رد ڪيو ويو. ان کان پوءِ گهرو مملڪتي وزير طلال چوڌري بل منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.