اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي توانائي ۽ معدني وسيلن جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي. پيٽروليم واري وزارت پاران جاري بيان موجب پيٽروليم بابت وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر ايم ڊي اقبال حسين پيٽروليم وزارت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ چوني پٿر، ڪوئلي ۽ پيٽروليم مصنوعات جهڙن اهم شعبن …
پاڪستان ۽ بنگلاديش پاران توانائي ۽ معدني وسيلن وارن شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي توانائي ۽ معدني وسيلن جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي. پيٽروليم واري وزارت پاران جاري بيان موجب پيٽروليم بابت وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر ايم ڊي اقبال حسين پيٽروليم وزارت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ چوني پٿر، ڪوئلي ۽ پيٽروليم مصنوعات جهڙن اهم شعبن ۾ گڏيل منصوبن تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي لاڪاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف بنگلاديش جي ڀائرن سان سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن بنهي ملڪن کي اقتصادي ترقي ۽ توانائي جي تحفظ ۾ فائدو حاصل ٿئي. ملاقات ۾ ڳولا ۽ دريافت (ايڪسپلوريشن) جي شعبي ۾ شراڪتداري جي امڪانن، چوني جي پٿر، ڪوئلي ۽ پيٽروليم مصنوعات جي واپار تي ڳالهيون ڪيون ويون. بنهي ڌرين انهن شعبن جي مڪمل صلاحيت کي ڪتب آڻڻ لاءِ معلومات جي مٽاسٽا ۽ سيڙپڪاري جي موقعن جي اهميت تي زور ڀريو. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر اقتصادي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي راضپي جي تعريف ڪئي. هن چيو ته اهڙي طرح جو تعاون علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن پاڪستان سان واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ ۾ بنگلاديش جي دلچسپي جو ورجاءُ پڻ ڪيو. اها ملاقات پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ توانائي، معدني وسيلن جي شعبن ۾ گڏيل ترقي جي نون موقعن تلاش ڪرڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.











