وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ترڪيه جي معارف فائونڊيشن جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. انهن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي معارف فائونڊيشن جي نمائندگي ڪندڙ شاگردن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي هن تازي پاڪ - ڀارت تڪرار دوران   ترڪيه جي پاڪستان لاءِ پختي حمايت ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل ثقافتي …

اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. انهن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي معارف فائونڊيشن جي نمائندگي ڪندڙ شاگردن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي هن تازي پاڪ – ڀارت تڪرار دوران   ترڪيه جي پاڪستان لاءِ پختي حمايت ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل ثقافتي لاڳاپن کي پڻ اجاگر ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم يوٿ ونگ پاران جاري بيان موجب هن چيو ته ترڪيه جي وفد جو دورو  پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ثقافتي ۽ تعليمي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم سنگ ميل آهي. ملاقات ۾ يوٿ ڪلچرل ايڪسچينج پروگرام تي ڌيان ڏنو ويو جيڪو تعليم، تفريح ۽ ٻولي جهڙن شعبن ۾  گڏيل افهام و تفهيم ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڊزائن ڪيل نئون قدم آهي. هن پاڪستان ۾ ترڪيه جي ڊرامن جي وڏي پئماني تي مقبوليت جو حوالو ڏنو  ۽ هر عمر جي ماڻهن جي انهن ڊرامن ۾ دلچسپي کي وڌندڙ ثقافتي لاڳاپن جو ثبوت قرار ڏنو. هن اردو ۽ ترڪيه وچ ۾ تاريخي رشتن تي به زور ڀريو جن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيا آهن. هن ترڪيه جي معارف فائونڊيشن سان مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحيون ڪرڻ جي منصوبن تي به ڳالهيون ڪيون جنهن جو مقصد ثقافتي مٽاسٽا ۽ تعليمي تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته يوٿ ڪلچر ايڪسچينج پروگرام ٻنهي ملڪن جي شاگردن کي گڏيل تعليم سان گڏوگڏ هڪ ٻئي جي ثقافتن کي وڌيڪ گهرائي سان دريافت ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪندو. وفد ترڪيه جي حڪومت طرفان 250 پاڪستاني شاگردن لاءِ مڪمل طور تي فنڊيڊ وظيفن جي آڇ ڪندي هڪ نئين قدم جا تفصيل به ٻڌايا. انهن قدمن کي تعليمي مقصدن جي مٽاسٽا کي آسان بڻائڻ ۽ پاڪستاني شاگردن کي ترڪيه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي، ته جيئن هو ان مان ڀرپور تعليمي ۽ ثقافتي ماحول جو تجربو ڪري سگهن. وفد ۾ ترڪيه جي نوجوانن ۽ راندين واري وزارت جي يوٿ سينٽر جي ڊائريڪٽر رمضان سينول سرت ۽ يوٿ ورڪرز و بيدي سرت ۽ ترڪ معارف فائونڊيشن طرفان شاگردن جي شعبي ۽ اڳوڻن شاگردن جي معاملن جي سربراهه احمد غني ۽ ترڪيه جي هاسٽل ڪو آرڊينيٽر مهمت آلگان شامل هئا. واضح رهي ته ترڪيه جي پارليامينٽ طرفان قائم ڪيل ترڪ معارف فائونڊيشن (ٽي ايم ايف) عالمي ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ، پرڏيهه ۾ تعليمي خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. 332 ادارن جي نيٽ ورڪ سان 67 ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ، ٽي ايم ايف 40000 کان وڌيڪ شاگردن کي خدمتون فراهم ڪري ٿو ۽ پري اسڪول کان وٺي اعليٰ تعليم تائين جا پروگرام پيش ڪري ٿو.  فائونڊيشن اسڪالرشپ ۽ استادن جي تربيت به فراهم ڪري ٿو ۽ عالمي تعاون ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. مڪمل طور فنڊيڊ اسڪالرشپس ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپس ذريعي، ٽي ايم ايف شاگردن کي سندن تعليمي ۽ ثقافتي تجربن کي وسيع ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ اهڙي طرح عالمي لاڳاپن کي مضبوط ڪري ٿو. ان کان اڳ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين ترڪيه جي وفد جو شاندار استقبال ڪيو.