اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي، ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث انساني اسمگلرن ۽ ايف آءِ اي اهلڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو. سينيٽ اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر شهادت اعواڻ ۽ سينيٽر دنيش ڪمار جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث اسمگلرن ۽ سندن مدد ڪندڙ ايف آءِ اي اهلڪارن کي سزا …
انساني اسمگلنگ ۾ ملوث اسمگلرن ۽ مدد ڪندڙ ايف آءِ اي اهلڪارن کي سزا ڏني وئي آهي، جناح اسڪوائر معياري طريقي سان مڪمل ڪيو ويو: طلال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي، ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث انساني اسمگلرن ۽ ايف آءِ اي اهلڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو. سينيٽ اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر شهادت اعواڻ ۽ سينيٽر دنيش ڪمار جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث اسمگلرن ۽ سندن مدد ڪندڙ ايف آءِ اي اهلڪارن کي سزا ڏني وئي آهي. پرڏيهه مان انساني اسمگلرن کي وطن واپس آڻي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويو آهي. ايف آءِ اي اهلڪارن خلاف اداره جاتي ۽ فوجداري ڪارروائي ڪئي وئي آهي. انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ايف آءِ اي جي 51 اهلڪارن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي، انساني اسمگلنگ جي ڪيسن ۾ 63 ملازمن کي نامزد ڪيو ويو هو انهن مان 43 گرفتار ڪيا ويا ۽ 16 عدالتن مان آزاد ٿي ويا. جڏهن ته سينيٽرز انوشه رحمان، دنيش ڪمار ۽ پلوشه خان جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته سي ڊي اي بورڊ تحت ڪم ڪري ٿو، جناح اسڪوائر ۾ ٻه انڊر پاس اوور هيڊ برج ٺاهيا ويا آهن، اهو 14 ڪلوميٽرن جو ڊگهو رستو آهي، ان جو معياري ڪم گهٽ وقت ۽ گهٽ لاڳت تي مڪمل ٿيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ موجوده حڪومتي دور ۾ اسلام آباد جي بنيادي ڍانچي ترقي ڪئي، پيپرا رولز ۽ ڊزائن مطابق ان کي مڪمل ڪيو ويو آهي، ان تي پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪئي وڃي.











