اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته پي آءِ اي جون اڏامون يورپي ملڪن لاءِ بحال ٿي چڪيون آهن، ماضي ۾ پائليٽن جي جعلي ڊگرين سان لاڳاپيل الزام تراشي نه رڳو پي آءِ اي کي نقصان پهچايو پر ملڪ جي ساک پڻ متاثر ٿي هئي. گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ سوالن جوابن واري وقفي دوران سينيٽرز ڪامران مرتضيٰ ۽ …
ماضي ۾ جعلي ڊگرين سان لاڳاپيل الزام تراشي سان پي آءِ اي کي نقصان پهتو ۽ ملڪ جي ساک متاثر ٿي: طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته پي آءِ اي جون اڏامون يورپي ملڪن لاءِ بحال ٿي چڪيون آهن، ماضي ۾ پائليٽن جي جعلي ڊگرين سان لاڳاپيل الزام تراشي نه رڳو پي آءِ اي کي نقصان پهچايو پر ملڪ جي ساک پڻ متاثر ٿي هئي. گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ سوالن جوابن واري وقفي دوران سينيٽرز ڪامران مرتضيٰ ۽ دنيش ڪمار جي سوالن جا جواب ڏيندي ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته ويجهي ماضي کان 10 روٽس تي پي آءِ اي جي سروس مختلف عرصي لاءِ بند رهي آهي، ان جو وڏو سبب يورپي يونين آف ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي طرفان يورپي ملڪن لاءِ پي آءِ اي جي اڏامن تي پابندي هئي. گذريل حڪومتي دور ۾ اڳوڻي هوابازي واري وزير جو پائليٽن جي جعلي ڊگرين بابت بيان نه رڳو پي آءِ اي کي تمام گهڻو نقصان پهچايو پر عالمي سطح تي ملڪ جي ساک به مجروح ٿي. 200 پائليٽن تي جعلي ڊگري جا الزام لڳايا ويا هئا پر رڳو 7 کان 8 پائليٽن جون ڊگريون جعلي نڪتيون، هاڻي اهي پابنديون ختم ٿي چڪيون آهن، يورپي ملڪن لاءِ اڏامون شروع ٿي چڪيون آهن.











