اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ قائم ٿيڻ جو سلسلو جاري آھي. ڪاروباري ھفتي جي ٻي ڏينھن به مارڪيٽ ۾ تيزي نظر آئي. ٽريڊنگ دوران 100 انڊيڪس پھريون ڀيرو ھڪ لک 49 ھزار پوائنٽس جي نفسياتي حد پار ڪري ورتي. ڪاروبار جي شروعات ۾ ئي سيڙپڪارن طرفان ڀرپور خريداري ڏسڻ ۾ آئي جنھن جي نتيجي ۾ مارڪيٽ 1061 پوائنٽس کان وڌي ويو. ان …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي تيزي، انڊيڪس پھريون ڀيرو ھڪ لک 49 ھزار پوائنٽس کان وڌي وئي
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ قائم ٿيڻ جو سلسلو جاري آھي. ڪاروباري ھفتي جي ٻي ڏينھن به مارڪيٽ ۾ تيزي نظر آئي. ٽريڊنگ دوران 100 انڊيڪس پھريون ڀيرو ھڪ لک 49 ھزار پوائنٽس جي نفسياتي حد پار ڪري ورتي. ڪاروبار جي شروعات ۾ ئي سيڙپڪارن طرفان ڀرپور خريداري ڏسڻ ۾ آئي جنھن جي نتيجي ۾ مارڪيٽ 1061 پوائنٽس کان وڌي ويو. ان اضافي کان پوءِ 100 انڊيڪس ھڪ لک 49 ھزار 367 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي ٽريڊ ڪيو، جيڪو ملڪ جي ڪيپيٽل مارڪيٽ جي تاريخ ۾ ھڪ نئون سنگ ميل آھي. واضح رھي ته سومر ڏينھن به پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي ھئي. ڪاروباري ڏينھن جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 1704 پوائنٽس جي اضافي سان ھڪ لک 48 ھزار 196 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو. اھو اضافو سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد ۽ مارڪيٽ ۾ ھاڪاري رجحان جي عڪاسي ڪري ٿو. معيشت جي ماھرن مطابق مارڪيٽ ۾ تازي تيزي جو وڏو سبب معاشي اهڃاڻن ۾ بھتري، پرڏيھي سيڙپڪارن جي دلچسپي، روپئي جي قدر ۾ استحڪام ۽ حڪومتي قدمن تي اعتماد شامل آھي. ان سان گڏوگڏ مختلف شعبن ۾ سڌارن ۽ پرڏيھي سيڙپڪاري جي امڪانن ۾ به سيڙپڪارن کي متحرڪ ڪيو آھي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي اھا تاريخي بلندي ملڪي معيشت لاءِ ھڪ ھاڪاري اشارو آھي. سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ۽ مارڪيٽ جو مسلسل مٿي وڃڻ ان ڳالھه جو ثبوت آھي ته ملڪ ۾ معاشي سرگرميون تيزي سان بحال ٿي رھيون آھن.












