تازي چوماسي برساتن ۽ شهري ٻوڏ سبب قيمتي انساني جانين ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تازي چوماسي برساتن ۽ شهري ٻوڏ سبب قيمتي انساني جانين ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ ريليف سرگرمين کي تيز ڪيو ويو آهي، وفاقي حڪومت، پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل ڪوششن سان …

اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تازي چوماسي برساتن ۽ شهري ٻوڏ سبب قيمتي انساني جانين ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ ريليف سرگرمين کي تيز ڪيو ويو آهي، وفاقي حڪومت، پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل ڪوششن سان هيستائين 25 هزار ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ويو آهي، 70 سيڪڙو علائقن ۾ بجلي بحال ٿي چڪي آهي، ٽرانسفارمرز، پولز ۽ تارن سميت گهربل سامان لاڳاپيل علائقن ۾ پهچايو ويو آهي، اهم اسپتالن کي بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ 100 سيڪڙو بجلي بحال ڪئي ويندي، متاثر علائقن ۾ جنريٽرز، ڊي واٽرنگ پمپس، 1200 کان وڌيڪ تنبو، ٽي هزار ڪلوگرام دوائون ۽ 40 ٽن راشن پيڪ پهچايا ويا آهن جڏهن ته 500 کان وڌيڪ ميڊيڪل ريليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. هو نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۾ ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر احمد شريف چوڌري ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين انعام حيدر ملڪ سان گڏ چوماسي برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نيشنل ڊيزاسٽرز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي ۾ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل اسٽيٽ اف دي آرٽ سسٽم ٺاهيو ويو آهي جنهن جو مقصد موسم جي صورتحال سميت وفاق، صوبن ۽ ٻين ادارن جي وچ ۾ ٺوس ڪوآرڊينيشن قائم ڪرڻ آهي. ان سينٽر تان پهرين ڏينهن کان ئي سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ صوبن کي وقت سر معلومات فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ ڪوآرڊينيشن جو موثر نظام فعال آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تحت ازي ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت، پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومتون هڪ گڏيل حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهيون آهن، ماڻهن تائين ريليف پهچايو پيو وڃي ۽ ريسڪيو سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي، هيستائين 25 هزار ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هي هڪ اهڙو وقت آهي جو اسان سڀني کي متحد ٿي ان هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو، ان حوالي سان سموري معلومات ريئل ٽائيم ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن تائين پهچائي پئي وڃي، ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان پڻ ٺوس حڪمت عملي ۽ پلان موجود آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه جي ضلعن بونير، شانگلا، باجوڙ ۽ سوات ۾ بجلي جو نظام متاثر ٿيو هو، جڏهن ته گذريل 48 ڪلاڪن ۾ 70 سيڪڙو علائقن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آهي ۽ باقي فيڊرز ۽ گرڊز تي ڪم جاري آهي. هن ٻڌايو ته وفاقي وزير اويس لغاري وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي سوات ۾ موجود آهي ۽ بجلي جي مڪمل بحالي تائين اتي موجود رهندو. هن ٻڌايو ته سوات ۾ متاثر 35 فيڊرز مان 25 بحال ٿي چڪا آهن، بونير ۾ 9 مان 3 فيڊرز بحال ٿيا آهن جڏهن ته باقي تي ڪم جاري آهي. اهڙي طرح شانگلا ۾ اڪثر فيڊرز بحال ٿي ويا آهن ۽ ٽرانسفارمرز، پولز ۽ تارن سميت گهربل سامان لاڳاپيل علائقن ۾ پهچايو ويو آهي جڏهن ته اهم اسپتالن کي بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي ۽ ڪوشش آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ 100 سيڪڙو بجلي بحال ڪئي وڃي. هن چيو ته وفاقي وزير امير مقام باجوڙ ۾ ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير عليم خان گلگت ۾ موجود آهن ۽ مواصلاتي نظام جي بحالي جي نگراني ڪري رهيا آهن. مواصلات واري وزارت، نيشنل هاءِ وي اٿارتي، ايف ڊبليو او ۽ پاڪ فوج جي ادارن جي وچ ۾ بهترين ڪوآرڊينيشن موجود آهي، مالاڪنڊ ڊويزن ۾ اين 90، خوازه خيلا – بشام روڊ ٽن جاين تان بند هئي جنهن کي کوليو ويو آهي، استڪ برج جي بحالي لاءِ پڻ پاڪ فوج ۽ وفاقي حڪومت قدم کڻي رهي آهي، پيادل اچ وڃ جو رستو کوليو ويو آهي ۽ واٽر چينل کي درياءَ طرف موڙيو ويو آهي. اميد آهي ته اها پُل جلد بحال ٿيندي جنهن سان جگلوٽ – اسڪردو روٽ پڻ ڪليئر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم صوبائي رستن جي بحالي جي لاءِ پڻ سمورن ادارن کي خصوصي هدايتون ڏنيون آهن، پير بابا جي علائقي ۾ مشڪلاتون هيون، اتي اڌ رستو صاف ڪيو ويو آهي ۽ باقي تي ڪم جاري آهي. وفاقي وزير چيو ته اها قومي ذميواري آهي جنهن تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نيشنل ڪاز تحت گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ريليف ۽ ريسڪيو جي لاءِ وڌيڪ قافلا سوات ۽ شانگلا موڪليا پيا وڃن، امدادي سامان ۾ جنريٽرز ۽ ڊي واٽرنگ پمپس پڻ شامل آهن، اٽڪل 1200 تنبو انهن علائقن ۾ موڪليا ويا آهن، ٽي هزار ڪلوگرام کان وڌيڪ دوائون فراهم ڪيون ويون آهن ۽ 500 کان وڌيڪ ميڊيڪل ريليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اسلام آباد پمز مان هڪ خصوصي ميڊيڪل ٽيم پڻ رواني ڪئي وئي آهي، هيستائين 40 ٽن راشن پيڪٽس پڻ متاثر علائقن ڏانهن موڪليا ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته آزاد ڪشمير جي لاءِ پڻ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ آزاد ڪشمير حڪومت کي آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ وفاقي حڪومت پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير قوم کي اپيل ڪئي ته اهي هن مشڪل وقت ۾ متحد ٿي پنهنجي ذميواري ادا ڪن. هن ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين جا ٿورا مڃيندي چيو ته وفاقي حڪومت، پاڪ فوج ۽ اين ڊي ايم اي جو صوبائي حڪومتن سان مسلسل رابطو آهي، هن وقت اسان سڀ هڪ آهيون ۽ نيشنل ريسپانس تحت انهن مشڪلاتن مان نڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ارلي واننگ سسٽم جي ذريعي ايندڙ ڪجهه ڏينهن جي موسمي صورتحال جون اڳڪٿيون سمورن ادارن تائين پهچايون پيون وڃن ۽ ميڊيا کي پڻ وقت سر آگاهه ڪبو رهبو.