اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ صحت جي شعبي جي ٽيم، پوليو ورڪرز ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا پرعزم آهن، پوليو جي خاتمي ۾ مشڪلاتون آهن پر اهو ناممڪن نه آهي، پوليو مهمن ۾ پوليو ورڪرز جو اهم ڪردار ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز …
ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا پرعزم آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ صحت جي شعبي جي ٽيم، پوليو ورڪرز ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا پرعزم آهن، پوليو جي خاتمي ۾ مشڪلاتون آهن پر اهو ناممڪن نه آهي، پوليو مهمن ۾ پوليو ورڪرز جو اهم ڪردار ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار روٽري انٽرنيشنل فائونڊيشن جي صدر فرانسسڪو اريزو جي سربراهي ۾ ملاقات جي لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ صحت وارو وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي واري خصوصي نمائنده عائشه رضا فاروق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم روٽري انٽرنيشنل جا پوليو جهڙي موذي مرض جي پاڪستان مان خاتمي جي لاءِ باقي عالمي ادارن وانگر ڀرپور تعاون تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ صحت جي شعبي جي ٽيم، پوليو ورڪرز ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا پرعزم آهن، پوليو جي خاتمي جي راهه ۾ چئلينجز ضرور آهن پر اسان پنهنجي عزم ۽ محنت سان پاڪستان جي ٻارن جي مستقبل کي محفوظ بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته پوليو جي خاتمي ۾ مشڪلاتون آهن پر اهو ناممڪن نه آهي، پوليو مهمن ۾ پوليو ورڪرز جو اهم ڪردار ساراهه جوڳو آهي. وفد حڪومت جي پوليو جي خاتمي وارن قدمن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم جي خصوصي ڌيان ۽ قيادت جي ڪري پاڪستان مان جلد ان موذي مرض جو خاتمو ٿي ويندو. وفد روٽري انٽرنيشنل جي پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومت جي معاونت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته روٽري انٽرنيشنل گذريل سال 500 ملين ڊالر پوليو جي خاتمي جي مد ۾ پاڪستان ۾ خرچ ڪيا ۽ هلندڙ سال به ان مقصد جي لاءِ وڏي رقم خرچ ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وفد وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي لاءِ ٽيم جي چوند ۽ ٽيم پاران قدمن کي پڻ ساراهيو.











