اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن کان بچڻ جي لاءِ وڻڪاري ۽ ٻيلن جي شرح ۾ اضافو ٺوس ۽ جامع حڪمت عملي تحت ئي ممڪن آهي، چوماسي جي غيرمعمولي برساتن ۽ ٻوڏ ريلن سبب ٿيندڙ تباهي ۽ جاني ۽ مالي نقصان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان جي لاءِ ٻيلا لازمي آهن، پاڪستان موسمياتي …
موسمياتي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن کان بچڻ جي لاءِ وڻڪاري ۽ ٻيلن جي شرح ۾ اضافو ٺوس ۽ جامع حڪمت عملي تحت ئي ممڪن آهي: وزيراعظم
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن کان بچڻ جي لاءِ وڻڪاري ۽ ٻيلن جي شرح ۾ اضافو ٺوس ۽ جامع حڪمت عملي تحت ئي ممڪن آهي، چوماسي جي غيرمعمولي برساتن ۽ ٻوڏ ريلن سبب ٿيندڙ تباهي ۽ جاني ۽ مالي نقصان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان جي لاءِ ٻيلا لازمي آهن، پاڪستان موسمياتي تبديلين کان بدترين متاثر ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي، موسمياتي تبديلي واري وزارت ”عالمي موسمياتي تبديلي“ ڪانفرنس جي لاءِ مڪمل تياري ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار سالياني ”چوماسي وڻڪاري مهم“ شروع ڪرڻ تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم سالياني چوماسي وڻڪاري مهم جي شروعات پهرين هفتي جي عنوان ”هڪ ڌيءُ – هڪ وڻ“ سان ڪئي. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير شذره منصب، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن، ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ عهديدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وڻڪاري اهم قومي، ماحولياتي ۽ موسمياتي فرض آهي، سمورن شهرين ۾ ان جو احساس ذميواري پيدا ڪرڻ لازمي آهي، وڻڪاري ايندڙ نسلن جي لاءِ صحتمند، قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهين کان بچڻ جي لاءِ اولين ترجيح آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت وڻڪاري مهم کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، سموريون صوبائي حڪومتون، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻ ۽ زندگي جا سمورا طبقا ۽ شعبا خاص طور تي شاگرد ٺوس طريقي سان وڻڪاري مهم ۾ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل عملدار ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته وڻڪاري مهم رڳو علامتي ڪارروائي نه هجي ان تي موثر عملدرآمد ٿئي ۽ وڻڪاري مهم ۾ هنيل ٻوٽن جي واڌويجهه جي شرح جي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان نگراني ڪئي وڃي. هن چيو ته وڻڪاري انساني زندگي تي مثبت اثرن ۽ وڏي قيمتي قدرتي وسيلن، حيوانن ۽ نباتاتن جي تحفظ ۽ افزائش ۾ اهم حيثيت رکي ٿي، موسمياتي تبديلي جي نقصانڪار اثرن کان بچڻ جي لاءِ وڻڪاري ۽ ٻيلن جي تناسب ۾ اضافو ٺوس ۽ جامع حڪمت عملي تحت ئي ممڪن آهي. هن هدايت ڪئي ته آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ موسمياتي ۽ ٻوڏ تباهين جي ازالي جي لاءِ وڻڪاري تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، مارگلا جي جبلن ۾ ٻيلن جي تحفظ جي لاءِ موزون موسم ۽ زمين جي زرخيزي کي استعمال ڪندي چوماسي ۾ ٻجن جي دستيابي ۽ انهن جي پوکيءَ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان بدترين متاثر ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي، موسمياتي تبديلي واري وزارت عالمي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس جي لاءِ مڪمل تياري ڪري. وزيراعظم چيو ته تازي چوماسي سيزن جي غيرمعمولي برساتن ۽ ٻوڏ ريلن سبب ٿيندڙ تباهي ۽ جاني ۽ مالي نقصان هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ثابت ڪيو ته پاڪستان جي لاءِ ٻيلا لازمي آهن. وزيراعظم کي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وڻڪاري مهم ۾ آگسٽ کان آڪٽوبر 2025ع دوران پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ 41 ملين نوان ٻوٽا هنيا ويندا، حڪومت چوماسي وڻڪاري مهم کي هلندڙ سال مختلف هفتيوار عنوانن تحت ملهائي رهي آهي ته جيئن وڻڪاري جي اهميت ۽ مختلف طبقن ۾ ان جي ڪردار کي اجاگر ڪري سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته حڪومت هلندڙ سال مختلف هفتيوار عنوانن تحت سالياني چوماسي وڻڪاري ملهائي رهي آهي جن ۾ ”هڪ ڌيءُ – هڪ وڻ“، ”سائي ڇٽي“، ”هڪ ٻوٽو هر شهيد جي نالي“، ”۽ اسلام ۽ وڻڪاري“ شامل آهن، انهن عنوانن جو مقصد وڻڪاري ۽ موسمياتي تبديلي کان بچڻ جي لاءِ عورتن، نوجوانن، مختلف ادارن جي شموليت سان اسان جي شهيدن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ شامل آهي.












