اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته انساني همدرديءَ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان انساني ڪارڪنن جي بهادري، سگهه ۽ همدرديءَ کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جيڪي سڄي دنيا ۾ وڌندڙ انساني بحرانن جي وچ ۾ پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي پريشان حال ماڻهن جو تحفظ ڪن ٿا، اڄ عالمي برادري کي انساني بحرانن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران انساني ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته انساني همدرديءَ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان انساني ڪارڪنن جي بهادري، سگهه ۽ همدرديءَ کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جيڪي سڄي دنيا ۾ وڌندڙ انساني بحرانن جي وچ ۾ پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي پريشان حال ماڻهن جو تحفظ ڪن ٿا، اڄ عالمي برادري کي انساني بحرانن جي بنيادي سببن، جن ۾ جنگيون ۽ تڪرار شامل آهن، کي حل ڪرڻ جي عزم کي نئين سر اجاگر ڪرڻو پوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران انساني همدرديءَ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته سياسي فائدن جي لاءِ بي لغام جارحيت ۽ جنوني بيانيو انساني بحرانن جا اهم سبب آهن. تڪرارن کي پرامن طريقن، ثالثي، ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي، گڏيل قومن جي چارٽر موجب حل ڪرڻ ضروري آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته غزه ۾ جاري قبضو ۽ گهيراءُ انساني امداد، ضروري خوراڪ ۽ طبي سهولتن تائين پهچ کي محدود ڪري شهرين کي مصيبتن جو شڪار بڻائي رهي آهي. فلسطين ۾ جاري نسل ڪشيءَ جا اثر انتهائي گهرا آهن جتي خاندان، ٻار ۽ عام شهري ناقابل تصور تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. عالمي برادري کي فوري طور تي غزه جي انساني صورتحال کي عالمي قانون موجب حل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته دنيا کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني بحران تي پڻ خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڏهاڪن تي ٻڌل ڏاڍ، جبري بي دخلي، هروڀرو جي گرفتارين، آبادياتي تبديلين ۽ ڪشميرين جي جائز خودمختياري جي حق کي منظم طريقي سان دٻائڻ جون ڪوششون علائقي ۾ انساني بحرانن کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي رهيون آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جو پاڻي ۽ ٻين ضروري وسيلن کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ هڪ نئين ۽ خطرناڪ خطري جي نشاندهي ڪري رهيو آهي، جيڪو خطي ۾ اڳ کان ناقابل تصور انساني الميي کي جنم ڏئي سگهي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ انساني بحرانن جي لاءِ گڏيل عالمي ردعمل جي ضرورت آهي. گذريل سالن ۾ موسمياتي تبديلين پاڪستان کي پڻ غيرمتناسب طور تي متاثر ڪيو آهي. پاڪستان ۾ جاري ٻوڏ هڪ ڀيرو ٻيهر موسمياتي انساني چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي قدمن جي فوري ضرورت کي اجاگر ڪري ٿي. متاثر آبادين جي مدد جي لاءِ انساني حصيداريون جاري رکڻ گهرجن. هن چيو ته اچو، اسان زندگي ۽ انساني وقار جي تحفظ ۽ امن جي فروغ جي لاءِ پنهنجي وچن جو ورجاءُ ڪريون. اسان جي سامهون چئلينجز تمام وڏا آهن، پر عالمي يڪجهتي، فيصلائتي قدمن ۽ اصاف ۽ انساني اصولن تي قائم رهندي عالمي برادري مصيبتن کي گهٽ ڪري سگهي ٿي ۽ سڀني جي لاءِ هڪ منصفاڻي ۽ پرامن مستقبل کي يقيني بڻائي اميد جي روشني بڻائي سگهي ٿي.











