لنڊن- 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان برطانيه ۽ آمريڪا سميت سڀني ملڪن سان پنهنجا لاڳاپا بهتر بڻائڻ جو خواهشمند آهي ۽ انهن ملڪن سان واپاري لاڳاپا وڌائيندو. پي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته سندس برطانيه جو دورو تمام گهڻو لاڀائتو ۽ مثبت آهي. برطانوي مملڪتي وزير سان ملاقات دوران هن افغانستان ۽ ايران سان …
پاڪستان برطانيه ۽ آمريڪا سميت سڀني ملڪن سان پنهنجا لاڳاپا بهتر بڻائڻ جو خواهشمند آهي ۽ انهن ملڪن سان واپاري لاڳاپا وڌائيندو: اسحاق ڊار
لنڊن- 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان برطانيه ۽ آمريڪا سميت سڀني ملڪن سان پنهنجا لاڳاپا بهتر بڻائڻ جو خواهشمند آهي ۽ انهن ملڪن سان واپاري لاڳاپا وڌائيندو. پي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته سندس برطانيه جو دورو تمام گهڻو لاڀائتو ۽ مثبت آهي. برطانوي مملڪتي وزير سان ملاقات دوران هن افغانستان ۽ ايران سان لاڳاپيل معاملن سميت مختلف ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي بحث ڪيو. اسحاق ڊار پنهنجي ٽن ڏينهن جي دوري دوران لنڊن ۾ برطانوي قيادت سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هو دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل سان پُڻ ملاقات ڪندو. پاڪستان دولت مشترڪه جو هڪ اهم ميمبر آهي ۽ ان جي سرگرمين ۾ فعال طور تي حصو ورتو آهي. هن چيو ته هو برطانوي نائب وزيراعظم اينجيلا رينر سان به ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻه طرفي واپار ۽ معيشت سميت علائقائي مسئلن تي بحث ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان برطانيه سان پنهنجي ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن جو مقصد ان کي موجوده چار ارب ڊالر جي سطح کان وڌائڻ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته يورپي يونين پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي اُڏامن تي پابندي هٽائي ڇڏي آهي، جڏهن ته برطانيه لاءِ پي آءِ اي جون اڏامُون خاص طور تي مانچسٽر لاءِ اڏامُون سيپٽمبر جي شروعات ۾ ٻيهر شروع ٿينديون. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي پاڪستان تڪرارن جي پرامن حل لاءِ هڪ قرارداد منظور ڪئي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر جي حيثيت سان تڪرارن جي پرامن حل بابت سندس بيان کي باضابطا تي منظور ڪري گڏيل قومن جي ويب سائيٽ تي پوسٽ ڪيو ويو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي وچ ۾ ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ بابت هڪ اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي. هن ياد ڏياريو ته فرانس ۽ سعودي عرب پاران گڏيل قومن ۾ سڏايل عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان پنهنجو موقف بهترين طريقي سان پيش ڪيو، جنهن ۾ غزه ۾ جنگ جي خاتمي، غزه جي ماڻهن کي امداد جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ غزه جي پٽي جي نئين سر تعمير جو مطالبو ڪيو ويو. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان هڪ اصولي موقف پيش ڪيو آهي ته هُو فلسطينين جي خودمختياري جي حق ۽ فلسطين جي آزاد رياست جي قيام جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ نائب وزيراعظم چيو ته تازو ئي هن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان هڪ لاڀائتي ملاقات ڪئي هئي جنهن دوران انهن علائقائي معاملن، ٻطرفي تعاون ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي جامع ڳالهه ٻولهه ڪئي. پاڪستان آمريڪا سان پنهنجا لاڳاپا بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. هِن پاڪستان ۽ ڀارت ۾ هِن سال مئي ۾ جي وچ ۾ جنگ بندي ۾ آمريڪا جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته 10 مئي تي سيڪريٽري روبيو هن سان رابطو ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته ڀارت جنگ بندي چاهي ٿو، جنهن کان پوءِ پاڪستان به دشمني ختم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين امن جو خواهشمند رهيو آهي، هن چيو ته جون ۾ پاڪستان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ روڪڻ جي ڪوششن لاءِ نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي اهو قبول ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان تازي تڪرار ۾ ڀارت کي شڪست ڏني، پر ڀارتي وزيراعظم پنهنجي شرم ۽ شڪست کي لڪائڻ لاءِ سياسي بيان ڏئي رهيو آهي. هن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار کي روڪڻ ۾ آمريڪا، گڏيل عرب امارات، سعودي عرب، ترڪي، آذربائيجان ۽ برطانيه جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ۾ ٿيندڙ المناڪ جاني نقصان جي ڪري پاڪستاني پرڏيهين سان سندس ملاقات منسوخ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان فوجي ۽ سفارتي محاذن تي وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن فوجي ۽ سفارتي محاذن تي ڪاميابيون حاصل ڪرڻ تي پاڪستان جي بيانيي ۽ هٿياربند فوج جي قيادت کي اجاگر ڪرڻ تي پاڪستاني سفارتڪارن ۽ ميڊيا کي ساراهيو.












