واشنگٽن – 19 آگسٽ (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته آمريڪا ۽ يورپي اڳواڻن سان ملاقاتن کانپوءِ يوڪرين لاءِ سيڪيورٽي جي گارنٽي ايندڙ 10 ڏينهن ۾ قطعي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن وائٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات کانپوءِ هڪ پريس بريفنگ کي خطاب ڪندي چيو ته اسانجا شراڪتدار سيڪيورٽي گارنٽي جي تفصيل ٻڌائي رهيا آهن ۽ ايندڙ …
يوڪرين لاءِ سيڪيورٽي گارنٽي جو قطعي فيصلو 10 ڏينهن ۾ متوقع آهي: صدر زيلنسڪي
واشنگٽن – 19 آگسٽ (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته آمريڪا ۽ يورپي اڳواڻن سان ملاقاتن کانپوءِ يوڪرين لاءِ سيڪيورٽي جي گارنٽي ايندڙ 10 ڏينهن ۾ قطعي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن وائٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات کانپوءِ هڪ پريس بريفنگ کي خطاب ڪندي چيو ته اسانجا شراڪتدار سيڪيورٽي گارنٽي جي تفصيل ٻڌائي رهيا آهن ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ معلومات سامهون ايندي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ سمورن انتظامن جي باقاعده دستاويزات ايندڙ هفتي يا ڏهن ڏينهن اندر متوقع آهن. هن آمريڪا طرفان اهو واضح اشارو ڏيندي چيو ته يوڪرين لاءِ سيڪيورٽي گارنٽي جي نظام ۾ نه رڳو شراڪتدار هوندوپر ان جي ڪوآرڊينيشن ۾ به ڪردار ادا ڪندو.












