اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت موجب نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي طرفان ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي. اين ڊي ايم اي جي ميڊيا ونگ موجب اين ڊي ايم اي بونير جي متاثرن لاءِ امدادي سامان ورهائڻ لاءِ ضلعي انتظاميه حوالي ڪري ڇڏيو. امدادي سامان جي حوالگي جي تقريب ۾ وفاقي وزير انجنيئر امير مقام به …
اين ڊي ايم اي طرفان ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جو سلسلو جاري
اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت موجب نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي طرفان ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي. اين ڊي ايم اي جي ميڊيا ونگ موجب اين ڊي ايم اي بونير جي متاثرن لاءِ امدادي سامان ورهائڻ لاءِ ضلعي انتظاميه حوالي ڪري ڇڏيو. امدادي سامان جي حوالگي جي تقريب ۾ وفاقي وزير انجنيئر امير مقام به شرڪت ڪئي. ڪالهه صبح بونير لاءِ روانو ڪيل سامان ۾ خيما، ڪمبل، جنريٽر، ڊي واٽرنگ پمپس، راشن بيگز ۽ دوائون شامل آهن. اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل سول ۽ عسڪري ادارن سان رابطي ۾ آهي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن طرفان جاري امدادي ڪاررواين جي هڪ ئي وقت نگراني ڪري رهي آهي.












