ٻيلن جي واڍي سان ٻوڏ ۽ فضائي گدلاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر

اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته ٻيلن جي تيزي سان واڍي سبب طوفاني برساتن، ٻوڏ، فضائي گدلاڻ ۽ غير متوقع  موسمي حالتن جهڙا مسئلا سنگين صورت اختيار ڪري چڪا آهن، ان صورتحال کان ڇوٽڪاري لاءِ وڻڪاري کي قومي فرض سمجهي اختيار ڪرڻ اڻٽر آهي. وڻڪاري جي قومي ڏينهن جي موقعي تي هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته وڻڪاري کي قومي …

اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته ٻيلن جي تيزي سان واڍي سبب طوفاني برساتن، ٻوڏ، فضائي گدلاڻ ۽ غير متوقع  موسمي حالتن جهڙا مسئلا سنگين صورت اختيار ڪري چڪا آهن، ان صورتحال کان ڇوٽڪاري لاءِ وڻڪاري کي قومي فرض سمجهي اختيار ڪرڻ اڻٽر آهي. وڻڪاري جي قومي ڏينهن جي موقعي تي هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته وڻڪاري کي قومي فرض سمجهي اختيار ڪرڻ اڻٽر آهي، ٻيلن جي واڍي سبب برساتون، ٻوڏ ۽ فضائي گدلاڻ وڌي رهي آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ ضروري آهن. ماحولياتي تبديلين سبب ٿيندڙ تباهه ڪارين کي روڪڻ لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. اسپيڪر چيو ته ماحول کي صاف سٿرو بڻائڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ايندڙ نسلن کي صاف ماحول ڏيڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، ٻيلا پاڻي کي جذب ڪري ٻوڏن کي روڪيندا آهن ان ڪري وڻن جي واڌ ويجهه ۽ سار سنڀال ضروري آهي. سردار اياز صادق چيو ته وڻ ماحولياتي توازن ۽ دنيا جي حسناڪي جا ضامن آهن. هن چيو ته ٻيلا ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ڏڪار جي خطرن کان پڻ بچائيندا آهن، انهي لاءِ وڻڪاري کي مستقل قومي تحريڪ بڻايو وڃي، پاڪستان کي سرسبز  بڻائڻ لاءِ عوام ۽ حڪومت کي گڏيل عزم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته هاڻي ضروري ٿي ويو آهي ته اسڪولن ۽ شهرن ۾ وڏي پئماني تي وڻڪاري مهم هلائي وڃي. هن چيو ته رڳو ٻوٽا لڳائڻ ڪافي ناهي، انهن جي سار سنڀال به ضروري آهي، پائيدار ترقي لاءِ هر ماڻهو وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺي.