اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته وڻڪاري کي صدقه جاريه ۽ قومي فرض سمجهي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستان کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ لاءِ حڪومت ۽ عوام کي گڏيل عزم سان اڳتي وڌڻو پوندو. سيڪريٽريٽ موجب وڻڪاري واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان سميت دنيا …
پاڪستان کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ لاءِ حڪومت ۽عوام کي گڏيل عزم سان اڳتي وڌڻو پوندو: سينيٽ چيئرمين
اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته وڻڪاري کي صدقه جاريه ۽ قومي فرض سمجهي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستان کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ لاءِ حڪومت ۽ عوام کي گڏيل عزم سان اڳتي وڌڻو پوندو. سيڪريٽريٽ موجب وڻڪاري واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان سميت دنيا لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي، جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ٻيلا ۽ برساتن کي متوازن ڪرڻ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي خدشن کي گهٽائڻ ۽ فضائي گدلاڻ تي ضابطو آڻڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. سيد يوسف رضا گيلاني ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صرف ٻوٽا لڳائڻ صحيح ناهي، پر ان جي سارسنڀال به ضروري آهي ته جيئن هو حقيقي معنائن ۾ ماحولياتي توازن ۽ پائيدار ترقي جا ضامن بڻجي سگهن. هن چيو ته سبز پاڪستان ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڻڪاري کي هڪ مستقل قومي تحريڪ جي صورت ڏيڻي پوندي. هن چيو ته اسڪولن، ڪاليجن ۽ شهرن ۾ وڏي پئماني تي وڻڪاري مهم شروع ڪئي وڃي ته جيئن نوجوان نسل کي ان نيڪ ڪم ۾ شموليت جو موقعو فراهم ٿئي. هن چيو ته پائيدار ترقي جي سفر ۾ هر شهري کي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.











