اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي ٻوڏ متاثر باجوڙ، سوات ۽ مالاڪنڊ ڊويزن ۾ آرمي فلڊ رليف آپريشن جي حوالي سان ٻوڏ متاثر علائقن جي عوام پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي پاڪ فوج جو شڪريو ادا ڪندي چيو آهي، ته پاڪ فوج ان ڏکئي وقت ۾ اسان جي ان وقت مدد ڪئي جڏهن ڪو به نه پهچي سگهيو. عوام چيو ته اسان جي جوانن رات ڏينهن …
خيبرپختونخوا ۾ آرمي فلڊ رليف آپريشن تي ٻوڏ متاثر علائقن جي عوام پاران پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي ٻوڏ متاثر باجوڙ، سوات ۽ مالاڪنڊ ڊويزن ۾ آرمي فلڊ رليف آپريشن جي حوالي سان ٻوڏ متاثر علائقن جي عوام پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي پاڪ فوج جو شڪريو ادا ڪندي چيو آهي، ته پاڪ فوج ان ڏکئي وقت ۾ اسان جي ان وقت مدد ڪئي جڏهن ڪو به نه پهچي سگهيو. عوام چيو ته اسان جي جوانن رات ڏينهن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ماڻهن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيو، وقت سر مدد تي اسان دل جي گهرائين سان پاڪ فوج جو ٿورو ادا ڪيون ٿا. هنن چيو ته اسان پنهنجي اکين سان ڏٺو ته پاڪ فوج رات ڏينهن عوام جي خدمت لاءِ موجود رهي، اسان هيليڪاپٽرن کي هتي ايندي ڏٺو جيڪي ماڻهن کي امداد فراهم ڪري رهيا هئا ۽ ٻارن، عورتن ۽ بزرگن کي به محفوظ هنڌن تائين منتقل ڪري رهيا هئا، جيڪڏهن اسان جي فوج نه هجي ها ته شايد اسان کي ڪو به سهارو نه ملي ها. هنن چيو ته هيءَ اهائي فوج آهي جيڪا اسان جي مدد لاءِ مشينري سميت پهتي ۽ اسان سان گڏ بيٺل رهي، اسان پاڪ فوج جي جذبي ۽ خدمت کي دل سان ساراهيون ٿا.











