اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) سانوڻي جي برساتن سبب پاڻي جي سطح ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1715 فوٽن تائين پهچي وئي آهي، جنهن کان پوءِ راول ڊيم جا اسپل ويز اڄ کوليا ويندا. ضلعي انتظاميا پاران جاري ڪيل بيان موجب اسپل ويز کولڻ واري عمل جي نگراني ڪئي ويندي جڏهن ته ان موقعي تي ريسڪيو، سيڪيورٽي ۽ طبي ٽيمون پڻ …
اسلام آباد جو راول ڊيم ڀرجي ويو، اسپل ويز کولڻ جو فيصلو
اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) سانوڻي جي برساتن سبب پاڻي جي سطح ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1715 فوٽن تائين پهچي وئي آهي، جنهن کان پوءِ راول ڊيم جا اسپل ويز اڄ کوليا ويندا. ضلعي انتظاميا پاران جاري ڪيل بيان موجب اسپل ويز کولڻ واري عمل جي نگراني ڪئي ويندي جڏهن ته ان موقعي تي ريسڪيو، سيڪيورٽي ۽ طبي ٽيمون پڻ امدادي ڪارروائين لاءِ مختلف جاين تي موجود رهنديون. ان حوالي سان سموريون ضروري تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن جڏهن ته شهرين کي ڊيم کان پري رهڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن.











