بدين ۽ لوئر ڪوهستان ۾ پوليو جا نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد-18 آگسٽ(اي پي پي) نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) بدين ۽ لوئر ڪوهستان ۾ پوليو ڪيسن جي تصديق ڪئي آهي. جاري تفصيل مطابق پاڪستان ۾ هلندڙ سال هاڻي تائين پوليو جا 21 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اين اي او سي جي اختيارين ٻڌايو آهي ته پوليو هڪ لاعلاج مرض آهي، بچاءُ صرف ويڪسين سان ئي ممڪن آهي. سڄي ملڪ ۾ پوليو جي روڪٿام جي خصوصي مهم پهرين …

اسلام آباد-18 آگسٽ(اي پي پي) نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) بدين ۽ لوئر ڪوهستان ۾ پوليو ڪيسن جي تصديق ڪئي آهي. جاري تفصيل مطابق پاڪستان ۾ هلندڙ سال هاڻي تائين پوليو جا 21 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اين اي او سي جي اختيارين ٻڌايو آهي ته پوليو هڪ لاعلاج مرض آهي، بچاءُ صرف ويڪسين سان ئي ممڪن آهي. سڄي ملڪ ۾ پوليو جي روڪٿام جي خصوصي مهم پهرين سيپٽمبر کان شروع ٿيندي. هن چيو ته والدين ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري سڄي عمر جي معذوري کان بچائي سگهن ٿا، پوليو ويڪسين سان گڏ حفاظتي ٽڪن جو ڪورس به بروقت مڪمل ڪرائين. هن چيو ته پوليو جي روڪٿام واري مهم ۾ والدين ۽ مقامي ماڻهن ۽ لاڳاپيل اختيارين جو ڪردار اهم آهي. پوليو ورڪرز سان سهڪار ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ ضروري آهي.