خيبر پختونخوا ۾ ٻوڏ سبب 380 ڄڻا فوت، ڪيترائي گُم

پشاور -18 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا ۾ ٻوڏ سبب 380 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي گُم آهن، ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ موذي بيماريون پيدا ٿي ويون آهن. پي ڊي ايم اي خيبر پختونخوا جي هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن جي شروعاتي رپورٽ موجب ڪي پي ڪي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب گذريل ٻن ڏينهن دوران مختلف حادثن ۾ فوت …

پشاور -18 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا ۾ ٻوڏ سبب 380 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي گُم آهن، ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ موذي بيماريون پيدا ٿي ويون آهن. پي ڊي ايم اي خيبر پختونخوا جي هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن جي شروعاتي رپورٽ موجب ڪي پي ڪي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب گذريل ٻن ڏينهن دوران مختلف حادثن ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 380 تائين پهچي ويو آهي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سڀ کان وڌيڪ ضلعي بونير ۾ 150 ماڻهو لاپته جڏهن ته 307 ڄڻا فوت ٿيا آهن جن ۾ 15 عورتون ۽ 13 ٻار به شامل آهن. مجموعي طور 74 گهرن کي نقصان پهتو ۽ 11 گهر مڪمل طور پٽ پئجي ويا آهن.  جڏهن ته 63 گهرن کي جزوي نقصان پهتو. ضلع بونير جي علائقي پير بابا ۾ 400 کان وڌيڪ شاگردن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيو ويو، سوات، مينگوره ۾ ٻوڏ سبب ڪيترائي گهر پٽ پئجي ويا آهن ۽ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن.  ٻئي پاسي ڪي پي ڪي ۾ پاڪ فوج جون امدادي ڪارروائيون جاري آهن. ٻوڏ سٽيل علائقن مان ماڻهن جي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي جاري آهي جڏهن ته پاڪ فوج جا هيليڪاپٽرز راشن ۽ ٻيو امدادي سامان فراهم ڪري رهيا آهن، ٻئي پاسي خيبر پختونخوا ۾ تازن برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي انساني حياتين ۽ مالي نقصانن سان گڏوگڏ صحت جي سهولتن کي به نقصان پهتو آهي. صوبي جي متاثر علائقن ۾ هن وقت تائين 289 ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 5627 مريضن جو معائنو ڪيو ويو. انهن مريضن ۾ اڪثر ٻار، عورتون ۽ بزرگ شهري شامل آهن. ٻوڏ سبب صحت وارا ادارا به بري طرح متاثر ٿيا آهن. 21 اسپتالن کي جزوي نقصان پهتو آهي جڏهن ته هڪ اسپتال مڪمل طور تباهه ٿي وئي آهي جنهن سان طبي امداد فراهم ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. هن وقت تائين 354 موذي مرضن جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس سوات ۾ رپورٽ ٿيا جن ۾ ساهه جي بيماري جا 194، دستن جا 140 ۽ رت وارن دستن جا 8 ڪيس شامل آهن. رپورٽ موجب باجوڙ ۾ 26 ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان اڪثر ساهه جي بيماري ۽ دستن جي مريض ۾ شامل آهن.