اسلام آباد-18 آگسٽ(اي پي پي) ترڪ سهڪار ۽ هم آهنگي واري اداري (ٽيڪا) خيبر پختونخوا جي ٻوڏ متاثر خاندانن جي مدد لاءِ هڪ رليف پروگرام شروع ڪيو آهي. اهو صوبو تازي ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. ان منصوبي تحت 15 هزار تيار ٿيل کاڌي جا پيڪٽ متاثر خاندانن ۾ ورهايا ويندا. پهرين ڏينهن 2 هزار تيار ٿيل کاڌي جا پيڪيٽ ورهايا ويا، جن مان هڪ هزار بونير ۾ ۽ هڪ …
ترڪيه طرفان پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 15000 تيار ٿيل کاڌي جا پيڪٽ ورهايا ويندا
اسلام آباد-18 آگسٽ(اي پي پي) ترڪ سهڪار ۽ هم آهنگي واري اداري (ٽيڪا) خيبر پختونخوا جي ٻوڏ متاثر خاندانن جي مدد لاءِ هڪ رليف پروگرام شروع ڪيو آهي. اهو صوبو تازي ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. ان منصوبي تحت 15 هزار تيار ٿيل کاڌي جا پيڪٽ متاثر خاندانن ۾ ورهايا ويندا. پهرين ڏينهن 2 هزار تيار ٿيل کاڌي جا پيڪيٽ ورهايا ويا، جن مان هڪ هزار بونير ۾ ۽ هڪ هزار سوات ۾ ورهايا ويا. اهو سلسلو هڪ هفتي تائين جاري رهندو ته جيئن متاثر خاندانن کي فوري غذائي سهولت فراهم ڪري سگهجي. انهن ڀلائي وارن قدمن ذريعي ٽيڪا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي برادر عوام سان ترڪيه جي ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيو آهي ۽ ڏکئي وقت ۾ وقت سر سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي.











