بيجنگ-18 آگسٽ(اي پي پي) چين، پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماننگ پنهنجي معمول جي پريس بريفنگ ۾ چيو آهي ته اسان نوٽ ڪيو آهي ته پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ شديد برساتن سبب خطرناڪ ٻوڏ آئي آهي، جنهن سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، اسان فوتين لاءِ گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيون …
چين پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار
بيجنگ-18 آگسٽ(اي پي پي) چين، پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماننگ پنهنجي معمول جي پريس بريفنگ ۾ چيو آهي ته اسان نوٽ ڪيو آهي ته پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ شديد برساتن سبب خطرناڪ ٻوڏ آئي آهي، جنهن سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، اسان فوتين لاءِ گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيون ٿا ۽ اسان جون سموريون همدرديون متاثر خاندانن ۽ زخمين سان آهن. هن ٻڌايو ته چيني پرڏيهي وزير وانگ يي به پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار کي تعزيتي پيغام موڪليو آهي. ماننگ چيو ته اسان کي يقين آهي ته پاڪستاني عوام ان آفت تي ضابطو آڻيندو ۽ پنهنجا گهر ٻيهر تعمير ڪندو. ترجمان مطابق في الحال ان ڳالهه جا ڪي به اطلاع نه مليا آهن ته آفت ۾ ڪو چيني شهري به فوت ٿيو آهي، پاڪستان ۾ چيني سفارتخانو صورتحال جي تصديق لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيو آهي.











