چين لو ارٿ آربٽ سيٽلائيٽ جو گروپ خلا ۾ موڪلي ڇڏيو

بيجنگ -18 آگسٽ (اي پي پي) چين جي صوبي شانشي جي تائي، يوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان لو ارٿ آربٽ سيٽلائيٽ جو گروپ خلا ۾ موڪلي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو سيٽلائيٽ گروپ انٽرنيٽ برج ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو، جنهن کي مقامي وقت مطابق رات جو 10 لڳي 15 منٽن تي هڪ ترميم ٿيل لانگ مارچ -6 ڪيريئر راڪيٽ ذريعي لانچ ڪيو ويو، جيڪو ڪاميابي سان پنهنجي مقرر …

بيجنگ -18 آگسٽ (اي پي پي) چين جي صوبي شانشي جي تائي، يوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان لو ارٿ آربٽ سيٽلائيٽ جو گروپ خلا ۾ موڪلي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو سيٽلائيٽ گروپ انٽرنيٽ برج ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو، جنهن کي مقامي وقت مطابق رات جو 10 لڳي 15 منٽن تي هڪ ترميم ٿيل لانگ مارچ -6 ڪيريئر راڪيٽ ذريعي لانچ ڪيو ويو، جيڪو ڪاميابي سان پنهنجي مقرر ڪيل مدار ۾ داخل ٿي ويو آهي. اهو لانگ مارچ ڪيريئر راڪيٽس جو 590هون مشن آهي.