اسلام آباد - 18 - آگسٽ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وڻڪاري جي قومي سطح جي مهم تحت آگسٽ کان آڪٽوبر 3 مهينن دوران پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ 41 ملين نوان ٻوٽا لڳايا ويندا، حڪومت پاڪستان پنهنجي گرين پاڪستان پروگرام تحت ٻيلن جي تناسب ۽ زمين جي زرخيزي ۾ اضافي لاءِ سمورن دستياب ذريعن کي استعمال ۾ آڻيندي ان مهم لاءِ پرعزم آهي، اچو ته وڻڪاري …
وڻڪاري مهم تحت ٽن مهينن اندر پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ 41 ملين نوان ٻوٽا لڳايا ويندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وڻڪاري جي قومي سطح جي مهم تحت آگسٽ کان آڪٽوبر 3 مهينن دوران پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ 41 ملين نوان ٻوٽا لڳايا ويندا، حڪومت پاڪستان پنهنجي گرين پاڪستان پروگرام تحت ٻيلن جي تناسب ۽ زمين جي زرخيزي ۾ اضافي لاءِ سمورن دستياب ذريعن کي استعمال ۾ آڻيندي ان مهم لاءِ پرعزم آهي، اچو ته وڻڪاري جي ان قومي مهم ۾ متحد ٿي منظم طريقي سان ان کي ڪامياب بڻايون ته جيئن سرسبز، صحتمند، صاف سٿرو ۽ خوشحال پاڪستان اسان جو ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جو مقدر بڻجي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سالياني سانوڻي جي وڻڪاري مهم جي شروعات تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سانوڻي جي وڻڪاري مهم جي شروعات تي آئون پنهنجي وطن واسين کي ان اهم قومي، ماحولياتي ۽ موسمياتي فرض جي ادائيگي جي احساس ذميداري پيدا ڪرڻ جي گذارش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته اچو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻ ۽ زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ هر عمر جو شهري ان جي تجديد ڪري ڇاڪاڻ ته وڻڪاري مهم رڳو علامتي ڪارروائي نه پر هي ايندڙ نسلن لاءِ صحتمند، قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ تباهڪارين کان بچڻ لاءِ قومي فرض آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت سانوڻي جي وڻڪاري مهم کي هن سال مختلف عنوانن تحت ملهائي رهي آهي ته جيئن وڻڪاري جي اهميت ۽ مختلف طبقن ۾ ان جي ڪردار کي اجاگر ڪري سگهجي، ان ۾ وڻڪاري ۽ موسمياتي تبديلي کان بچاءَ جي ڪاررواين ۾ عورتن، نوجوانن، مختلف ادارن جي شموليت سان گڏوگڏ بچاءُ جي مهم ۾ اسان جي شهيدن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته انساني زندگي تي مثبت اثرن سان گڏ وڻڪاري اسان جي پياري وطن جي وڏن قيمتي قدرتي وسيلن، جانورن، وڻن ۽ ٻوٽن جي تحفظ ۽ واڌ ويجهه ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي نقصانڪار اثرن کان بچاءُ لاءِ وڻڪاري جي تناسب ۾ اضافو انتهائي ضروري آهي، پاڪستان سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلي سبب بدترين متاثر ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي، تازي سانوڻي جي مند ۾ غير معمولي برساتن ۽ برساتي ريلن سبب ٿيل تباهي ۽ جاني ۽ مالي نقصان هڪ دفعو ٻيهر اهو ثابت ڪيو ته پاڪستان لاءِ موسمياتي تبديلي کان بچاءُ جا اپاءُ ضروري آهن. پاڪستان ۾ ٻيلن جي شرح 5 سيڪڙو آهي جيڪا ڪنهن به ملڪ جي ماحولياتي تحفظ لاءِ اڻپوري آهي. هن چيو ته سمورن شهرين ۽ طبقن طرفان گڏيل ۽ متحد ڪوششن سان ٻيلن جي شرح ۾ چڱو خاصو اضافو ڪرڻ سان ئي پاڪستان ماحولياتي چئلينجن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته وڻڪاري جي ان قومي سطح جي مهم ۾ ايندڙ ٽي مهينا آگسٽ کان آڪٽوبر دوران پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ 41 ملين نوان ٻوٽا لڳايا ويندا. وزيراعظم چيو ته حڪومت پنهنجي گرين پاڪستان پروگرام تحت ٻيلن جي شرح ۽ زمين جي زرخيزي ۾ اضافي لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال آڻيندي ان مهم لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم دعوت ڏني ته وڻڪاري جي ان قومي مهم ۾ متحد ٿي منظم طريقي سان ان کي ڪامياب بڻائين ته جيئن سرسبز، صحتمند، صاف سٿرو ۽ خوشحال پاڪستان اسان جو ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جو مقدر بڻجي سگهي.











