اسلام آباد – 18 - آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته وڻ اسان جي ماحول جي زندگي جي علامت ۽ موسمياتي تبديلي خلاف سڀ کان وڌيڪ مضبوط دفاع آهن، وڻ گرمي پد ۾ گهٽتائي، برساتن جي پاڻي کي جذب ڪرڻ، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ کي به گهٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، هر لڳايل وڻ آفتن خلاف ڍال ۽ نسلن لاءِ زندگي جو ذريعو آهي، …
وڻ اسان جي ماحول جي زندگي جي علامت ۽ موسمياتي تبديلي خلاف سڀ کان وڌيڪ مضبوط دفاع آهن: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته وڻ اسان جي ماحول جي زندگي جي علامت ۽ موسمياتي تبديلي خلاف سڀ کان وڌيڪ مضبوط دفاع آهن، وڻ گرمي پد ۾ گهٽتائي، برساتن جي پاڻي کي جذب ڪرڻ، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ کي به گهٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، هر لڳايل وڻ آفتن خلاف ڍال ۽ نسلن لاءِ زندگي جو ذريعو آهي، سڄي ملڪ ۾ وڻڪاري مهم جي شروعات اڄ 18 آگسٽ کان هڪ اهڙي وقت ۾ ڪئي پئي وڃي جڏهن پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا شديد خطرا درپيش آهن، ڪنهن به قوم جي ڀلائي ۽ ترقي ان جي ٻيلن ۽ قدرتي ماحول جي تحفظ تي ٻڌل آهي. ٻيلن جي واڍي، گرمي پد ۾ اضافو ۽ مسلسل ٻوڏ جهڙا چئلينجز لکين زندگين کي متاثر ڪندا آهن، ٻيلن جي کوٽ سبب ڌرتيءَ اهڙين آفتن جو شڪار ٿي ويندي آهي جيڪا اسان جي معيشت، زراعت ۽ ڀلائي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندي آهي، وڻڪاري مهم علامتي ناهي پر هي پاڪستان جي مستقبل جي تحفظ لاءِ هڪ اهم قدم آهي. صدر آصف علي زرداري سانوڻي جي وڻڪاري مهم جي حوالي سان ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته وڻ اسان جي ماحول جي زندگي جي علامت ۽ موسمياتي تبديلي خلاف سڀ کان مضبوط دفاع آهن. هن چيو ته وڻ هوا کي صاف ۽ مٽي کي زرخيز بڻائڻ ۾ مددگار آهن، هي موسم کي متوازن رکڻ ۾ مددگار ۽ اسان جي قيمتي آبي وسيلن کي محفوظ رکڻ سان گڏوگڏ زندگي جي بي شمار قسمن کي به پناه فراهم ڪندا آهن. صدر چيو ته وڻ گرمي پد ۾ گهٽتائي، برسات جي پاڻي کي جذب ڪرڻ، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ کي به گهٽ ڪندا آهن، هر لڳايل وڻ آفتن خلاف ڍال ۽ نسلن لاءِ زندگي جو ذريعو آهي. هن چيو ته هلندڙ سال آگسٽ کان آڪٽوبر دوران سڄي پاڪستان ۾ 4 ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويندا، شهرن کان ٻهراڙين ۽ اسڪولن کان وٺي سرڪاري ادارن تائين اها مهم نه رڳو اسان جي منظرن کي نئين شڪل ڏيندي پر موسمياتي آفتن خلاف طاقت ۾ اضافو ڪندي پر هڪ سرسبز مستقبل جو بنياد به رکندي. صدر وڌيڪ چيو ته وڻڪاري مهم جي ڪاميابي جو دارومدار اجتماعي ذميواري تي آهي، نوجوانن کي تبديلي جي سفير طور ان مهم جي قيادت ڪرڻ گهرجي، ميڊيا کي ان سلسلي ۾ ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي جڏهن ته آبادگار وڻ لڳائي فصلن ۽ ماحول جي حفاظت ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته سول سوسائٽي، برادرين جا اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر عوام کي ان اهم قومي فرض جي حمايت لاءِ متحرڪ ڪري سگهن ٿا، هر شهري کي وڻ لڳائڻ جو قومي فرض سمجهڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ اهڙي نازڪ وقت ۾ جڏهن موسمياتي تبديلي خيبرپختونخوا ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ ٻوڏ ۽ ڪڪر ڦاٽڻ ذريعي تباهي مچائي چڪي آهي، اسان کي وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ لاءِ فيصلائتي طور قدم کڻڻ گهرجن. اسان جو اجتماعي رد عمل گرين پاڪستان پروگرام کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وقف هجڻ گهرجي، جيڪي ٻيلن جي ايراضي کي وڌائڻ، خرابي جو شڪار زمينن سميت فطرت جي توازن جي بحالي ۽ فطرت تي ٻڌل حل کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ قومي قدم آهي. هي صرف وڻ لڳائڻ جي باري ۾ نه پر صحتمند معاشري جي قيام، روزگار جي حفاظت ۽ مستقبل جي نسلن لاءِ موسمياتي قوت مدافعت وڌائڻ کي يقيني بڻائڻ جي باري ۾ آهي. صدر آصف علي زرداري وڻڪاري جي ان مهم ۾ سمورن وطن واسين کي اپيل ڪئي ته هو ان نيڪ مقصد ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ سرسبز، صاف سٿرو ۽ وڌيڪ خوشحال پاڪستان بڻائڻ لاءِ ٻوٽا لڳائين.











