ماسڪو - 18 آگسٽ(اي پي پي) روس اولھه جي ملڪن کان مطالبو ڪيو آھي ته جيڪڏھن يوڪرين کي مستقبل ۾ سيڪيورٽي ضمانت فراھم ڪئي پئي وڃي ته روس کي به انھي ئي نوعيت جي اثرائتي ۽ اعتماد جوڳي سلامتي واري ضمانت ڏن وڃي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھو بيان ويانا ۾ عالمي تنظيمن لاءِ روس جي مستقل نمائندي ميخائل اوليانوف پنھنجي ٽيليگرام پيغام ۾ ڏنو. ھن چيو ته يورپي يونين جا …
اسان کي به يوڪرين جيان سيڪيورٽي ضمانت فراھم ڪئي وڃي: روس
ماسڪو – 18 آگسٽ(اي پي پي) روس اولھه جي ملڪن کان مطالبو ڪيو آھي ته جيڪڏھن يوڪرين کي مستقبل ۾ سيڪيورٽي ضمانت فراھم ڪئي پئي وڃي ته روس کي به انھي ئي نوعيت جي اثرائتي ۽ اعتماد جوڳي سلامتي واري ضمانت ڏن وڃي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھو بيان ويانا ۾ عالمي تنظيمن لاءِ روس جي مستقل نمائندي ميخائل اوليانوف پنھنجي ٽيليگرام پيغام ۾ ڏنو. ھن چيو ته يورپي يونين جا ڪيترائي اڳواڻ ان ڳالھه تي زور ڀري رھيا آھن ته مستقبل جو امن معاھدو يوڪرين لاءِ اعتماد جوڳي سيڪيورٽي ضمانت فراھم ڪري. روس ان سان متفق آھي پر روس به اوترو ئي حق رکي ٿو ته ان کي به اثرائتي سلامتي جي ضمانت ڏني وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته اولھه جي ملڪن طرفان روس سان انهن اھم نڪتن تي ڳالھه ٻولھه شروع نه ڪرڻ ھڪ سنگين غلطي آھي. سندس مطابق، ان ضمانت کي ”نيٽو جي اوڀر ڏانھن عدم واڌ بابت پراڻي ۽ غير اثرائتي واعدي“ کان وڌيڪ مضبوط ٿيڻ گھرجي.












