اسلام آباد -17 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيه جي پرڏيهي وزير، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن بابت وزير ڊيوڊ ليمي رابطو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب ٿيل افسوسناڪ جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب برطانوي پرڏيهي وزير ان مشڪل وقت ۾ برطانيه طرفان پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ لنڊن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي پاران ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -17 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيه جي پرڏيهي وزير، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن بابت وزير ڊيوڊ ليمي رابطو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب ٿيل افسوسناڪ جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب برطانوي پرڏيهي وزير ان مشڪل وقت ۾ برطانيه طرفان پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ لنڊن جي تازي دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي نتيجو ڏيندڙ مصروفيتن جي خواهش جو اظهار پڻ ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيه جي يڪجهتي، امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ مدد لاءِ تياري تي شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اسان برطانوي قيادت کان مسلسل مدد ڪرڻ جا منتظر آهيون.











