اسلام آباد-17 آگسٽ(اي پي پي) خيبر پختونخوا ۾ پاڪ فوج جي فلڊ رليف آپريشن ۾ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي خاص هدايت مطابق خيبر پختونخوا جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج طرفان راشن ورهايو پيو وڃي، پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر خراب موسم جي باوجود بونير، شانگله ۽ سوات جي مختلف علائقن ۾ ريسڪيو اينڊ رليف آپريشن ۾ مصروف آهن. پاڪ آرمي جا هيليڪاپٽر خواڙ بانڊه جي علائقي …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي خاص هدايت تي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج طرفان راشن ورهايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-17 آگسٽ(اي پي پي) خيبر پختونخوا ۾ پاڪ فوج جي فلڊ رليف آپريشن ۾ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي خاص هدايت مطابق خيبر پختونخوا جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج طرفان راشن ورهايو پيو وڃي، پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر خراب موسم جي باوجود بونير، شانگله ۽ سوات جي مختلف علائقن ۾ ريسڪيو اينڊ رليف آپريشن ۾ مصروف آهن. پاڪ آرمي جا هيليڪاپٽر خواڙ بانڊه جي علائقي ۾ راشن پهچايو آهي، راشن ۾ اٽو، چانور، داليون، کير، لوڻ ۽ چانهه جي پتي ۽ ڪوڪنگ آئل شامل آهن. پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر ڏورانهن علائقن مان زخمين، عورتن ۽ ٻارن کي محفوظ هنڌ تائين به پهچائي رهيا آهن، جڏهن ته پاڪ فوج جي ڊاڪٽرن متاثر علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپ به لڳائي آهي، جتي مفت دوائون ورهايو ويون آهن، پاڪ فوج ٻوڏ متاثرن جي بحالي تائين عوامي خدمت جو مشن جاري رکندي.











