لوڌران ويجهو ٽرين پٽڙي تان لهي وئي، هڪ شخص فوت، 33 زخمي

اسلام آباد -17 آگسٽ (اي پي پي) لوڌران ويجهو ٽرين پٽڙي تان لهي وڃڻ سبب هڪ شخص فوت، جڏهن ته 33 زخمي ٿي پيا. گذريل ڏينهن لوڌران ويجهو هڪ ٽرين جون چار بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت جڏهن ته 33 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين موجب لوڌران ريلوي اسٽيشن ويجهو عوام ايڪسپريس جي بريڪ فيل ٿي پئي جنهن سبب پٽڙي تان لهي وئي …

اسلام آباد -17 آگسٽ (اي پي پي) لوڌران ويجهو ٽرين پٽڙي تان لهي وڃڻ سبب هڪ شخص فوت، جڏهن ته 33 زخمي ٿي پيا. گذريل ڏينهن لوڌران ويجهو هڪ ٽرين جون چار بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت جڏهن ته 33 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين موجب لوڌران ريلوي اسٽيشن ويجهو عوام ايڪسپريس جي بريڪ فيل ٿي پئي جنهن سبب پٽڙي تان لهي وئي ۽ هڪ شخص فوت 33 زخمي ٿي پيا. اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جون ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو. آپريشن ڪندڙ ٽيمن 11 زخمي مسافرن کي شروعاتي طبي امداد فراهم ڪئي ۽ 22 ٻين زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال لوڌران منتقل ڪيو جتي هڪ مسافر زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.