ريلوي واري وفاقي وزير پاران عوام ايڪسپريس جي واقعي جو نوٽيس، 7 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب

اسلام آباد -17 آگسٽ (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پشاور کان ڪراچي ويندڙ عوام ايڪسپوريس جي واقعي جو نوٽيس وٺندي 7 ڏينهن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ريلوي وزارت موجب عوام ايڪسپريس جو واقعو لوڌران ريلوي اسٽيشن ويجهو پيش آيو، حادثي سبب 2 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون ۽ لگيج وين سميت 3 بوگيون اونڌيون ٿي پيون. اطلاعن موجب هڪ مسافر فوت جڏهن ته …

اسلام آباد -17 آگسٽ (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پشاور کان ڪراچي ويندڙ عوام ايڪسپوريس جي واقعي جو نوٽيس وٺندي 7 ڏينهن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ريلوي وزارت موجب عوام ايڪسپريس جو واقعو لوڌران ريلوي اسٽيشن ويجهو پيش آيو، حادثي سبب 2 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون ۽ لگيج وين سميت 3 بوگيون اونڌيون ٿي پيون. اطلاعن موجب هڪ مسافر فوت جڏهن ته 21 زخمي پڻ ٿيا. ريلوي وزارت چيو آهي، ته 2 سخت زخمين کي بهاولپور اسپتال جڏهن ته باقي معمولي زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال لوڌران ۾ طبي امدادي ڏني پئي وڃي. وفاقي وزير هڪ مسافر جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. واضح رهي ته ڊي ايس ملتان ۽ ميڊيڪل ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪمن ۾ مصروف رهيا جڏهن ته مسافرن کي هر قسم جي طبي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير محمد حنيف عباسي رليوي عملي کي امدادي ڪم جلد مڪمل ڪري ڊائون ٽريڪ بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. حادثي واري ٽرين جي مسافرن کي متبادل ٽرين ذريعي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو جڏهن ته ٽرينن کي اپ ٽريڪ ذريعي روانو ڪيو پيو وڃي، ريلوي واري وزير واقعي واري هنڌ جي انڪوائري جو حڪم ڏيندي چيو ته 7 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي.