موسمياتي تبديلين سبب هر سال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شدت اچي رهي آهي: اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ

اسلام آباد -17 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ هاڻوڪين برساتن ۽ بوڏ جي صورتحال ۽ امدادي سرگرمين جي حوالي سان چيو آهي، ته ماحولياتي تبديلي پاڪستان کي سخت متاثر ڪيو آهي، ڪميونيڪيشن انفراسٽرڪچر، رستن ۽ پلن جي بحالي اولين ترجيحن ۾ شامل هونديون، موسمياتي تبديلين سبب هر سال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شدت اچي رهي آهي، جنهن جو اسان …

اسلام آباد -17 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ هاڻوڪين برساتن ۽ بوڏ جي صورتحال ۽ امدادي سرگرمين جي حوالي سان چيو آهي، ته ماحولياتي تبديلي پاڪستان کي سخت متاثر ڪيو آهي، ڪميونيڪيشن انفراسٽرڪچر، رستن ۽ پلن جي بحالي اولين ترجيحن ۾ شامل هونديون، موسمياتي تبديلين سبب هر سال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شدت اچي رهي آهي، جنهن جو اسان هڪ قوم بڻجي گڏجي مقابلو ڪنداسين، سانوڻي برساتن جي رليف سرگرمين جي خاتمي تي مواصلات، هائوسنگ وارين وزارتن ۽ ٻين ادارن سان گڏجي هائوسنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي کي يقيني بڻائينداسين، آگاهي مهم ذريعي شهرين لاءِ اڳواٽ ڄاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، سانوڻي جي برساتن سبب ٿيل نقصانن کي گهٽ ۾ گهٽ ڪرڻ لاءِ اڳواٽ قدم کنيا پيا وڃن. انهن خيالن جو اظهار هن اين ڊي ايم اي هيڊ ڪوارٽر ۾ ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته اين ڊي ايم اي جي بريفنگ جو مقصد قومي سطح تي ڪيل امدادي ۽ بحالي جي ڪوششن بابت آگاهه ڪرڻ آهي. هن چيو ته گذريل هڪ هفتي کان خيبر پختونخوا ۾ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته هلندڙ سال گرمي جي شدت وڌيڪ رهي جنهن سبب سانوڻي برساتن جي پکيڙ ۽ شدت به وڌي آهي، هلندڙ سال سانوڻي جي برساتن م گذريل جي ڀيٽ ۾ 50 کان 60 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جنهن سبب گذريل مهيني گلگت بلتستان ۾ فليش فلڊ ۽ حادثن کان پوءِ گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ڪي پي ڪي ۾ ٻوڏ ۽ فليش فلڊنگ جي حادثن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ سانوڻي جي برساتن سبب وڌيڪ ٻن کان ٽي اسپل پاڪستان ۾ داخل ٿيندا جيڪي سيپٽمبر جي شروعاتي 10 ڏينهن تائين جاري رهندا. هن چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي سلسلي ۾ پاڪستان حڪومت، هٿياربند فوج ۽ ٻيا سمورا ادار متاثرن جي ڏک ۾ برابر شريڪ آهن. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اسان صوبائي حڪومت سان گڏجي وزيراعظم جي هدايت مجب علائقن جي مڪمل سروري ڪنداسين ۽ متاثرن جي مڪمل بحالي جون ڪوششون پڻ ڪنداسين. اهڙي طرح ڪميونيڪيشن انفراسٽرڪچر، روڊن رستن ۽ پلن جي بحالي اولين ترجيحن ۾ شامل هونديون. هن امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ مدد ڪندڙ سمورن ادارن جو ٿورو مڃيو جيڪي وزيراعظم جي هدايتن موجب ان اهم قومي فرض جو حصو بڻيا جن ۾ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز، پاڪستان آرمي، ايئر فورس سميت سرچ اينڊ ريسڪيو جا سمورا ادارا شامل آهن، انهن سمورن ادارن جا کنيل قدم تعريف جوڳا آهن.ان موقعي تي اين ڊي ايم اي جي ٽيڪنيڪل ايڪسپرٽ ڊاڪٽر طيب شاهه ايندڙ 15 ڏينهن ۾ موسمي حالتون جي حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪندي چيو ته سانوڻي جي برساتن جي ستين سلسلي جي اثر هيٺ ملڪ جي مختلف علائقن م برساتون ٿي رهيون آهن ۽ برساتن جو اهو سلسلو 22 آگسٽ تائين جاري رهڻ جو امڪان اهي، جنهن جي شدت ۾ وڌيڪ اضافي متوقع آهي. هن چيو ته 22 آگسٽ کان پوءِ برساتون وسائڻ جو هڪ ٻيو سلسلو ملڪ ۾ داخل ٿيندو جيڪو 23 آگسٽ کان 30 آگسٽ تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي. اهو پاڪستان جي اتر اوڀر وارن علائقن، آزاد ڄمون ڪشمير، خيبر پختونخوا جي وچ ۽ ڏاکڻين علائقن ۾ وڌيڪ برساتن جي اميد آهي. ان سان گڏوگڏ ٿرپارڪر، سجاول، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، بدين (پاڪستان جي ڏکڻ ۽ اولهه اوڀر علائقن ۾ به برساتون متوقع آهن.