اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته چين جي ڪمپني جو جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس اسپتال لاءِ عالمي معيار جي ڪانسيپٽ ڊزائن بنا ڪنهن معاوضي جي ٺاهڻ پاڪ - چين دوستيءَ ۽ عوامي رابطن جي مضبوطيءَ جو چٽو ثبوت آهي، هن چين جي ڪمپني طرفان تيار ڪيل ڊزائن جي ٽيڪنيڪل فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري …
جناح ميڊيڪل ڪاميپليڪس اسپتال لاءِ بنا ڪنهن معاوضي جي ڪانسيپٽ ڊزائن ٺاهڻ، پاڪ -چين دوستي جي مضبوطيءَ جو چٽو ثبوت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته چين جي ڪمپني جو جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس اسپتال لاءِ عالمي معيار جي ڪانسيپٽ ڊزائن بنا ڪنهن معاوضي جي ٺاهڻ پاڪ – چين دوستيءَ ۽ عوامي رابطن جي مضبوطيءَ جو چٽو ثبوت آهي، هن چين جي ڪمپني طرفان تيار ڪيل ڊزائن جي ٽيڪنيڪل فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ جناح ميڊيڪل ڪاميپليڪس ۽ ريسرچ سينٽر تي جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس کي چين جي ڪمپني هانگ ڪانگ آوهوا طرفان تيار ڪيل ڪامپليڪس جو ڪانسيپٽ ڊزائن پيش ڪيو ويو. گذريل 30 سالن کان هڪ هزار کان وڌيڪ اسپتالن جي ڊزائن تيار ڪرڻ جو تجربو رکندڙ هانگ ڪانگ آوهوا ڪمپني اسپتال جو ڪانسيپٽ ڊزائين بنا ڪنهن معاوضي جي تيار ڪيو آهي. اجلاس کي تفصيلي طور تي اسپتال جي ڊزائن بابت آگاهي ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته چين جي ڪمپني جو پاڪستان جي اسپتال لاءِ عالمي معيار جو ڪانسيپٽ ڊزائن بنا ڪنهن معاوضي جي تيار ڪرڻ پاڪ – چين دوستي ۽عوامي رابطن جي مضبوطي جو چٽو ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته چين جي ڪمپني جي قيادت ۽ ڊزائن جي جوڙجڪ ۾ حصو وٺندڙ هر اهلڪار جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيان ٿو. چين جي ڪپني جي ان تحفي کي حڪومت، پاڪستاني عوام ۽ ان اسپتال مان شفاياب ٿيندڙ ماڻهو هميشه ياد رکندا، جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس کي عالمي معيار موجب ٽرشري ڪيئر اسپتال جهڙو ٺاهيو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته چين جي ڪمپني طرفان تيار ڪيل ڊزائن جو ٽيڪنيڪل جائزو ورتو وڃي، ڪامپليڪس جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ ان ۾ مصنوعي ذهانت لاڳو ڪرڻ به سٺو سنئوڻ آهي ته ڪانسيپٽ ڊزائين ۾ مستقبل ۾ ڪنهن به وبا جي حوالي سان هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي مڪمل منصوبابندي پڻ شامل آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبي ۾ ماحول جي تحفظ، پاڻي جي بچت ۽ وسيلن جي بهتر استعمال کي نظر ۾ رکيو وڃي. وزيراعظم ڊزائن ۾ شمسي توانائي، قدرتي روشني جي بهتر استعمال، پاڻي جي ريسائيڪلنگ ۽ ماحول کي سرسبز رکڻ لاءِ قدمن تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس جي نظام کي اسلام آباد جي ٻين اسپتالن سان ڊجيٽل طريقي سان ڳنڍڻ جي حوالي سان پڻ هدايت ڏني. هن هدايت ڪئي ته جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس جي تعمير جي حوالي سان سمورن قدمن کي مقرره عرصي ۾ مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، احد خان چيمه، شزه فاطمه خواجه، صحت بابت مملڪتي وزير مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر مشرف زيدي، پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر سعيد اختر، چيني ڪمپني جي سي اي او ڊاڪٽر ليو زانپئي ۽ وفد سميت لاڳاپيل اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.











