اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ سان پاڪستان ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ وڌندڙ رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته حڪومت سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ بنگلاديش سان سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي.  ملاقات ۾ پاڪستان بنگلاديش لاڳاپن، خطي جي …

اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ وڌندڙ رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته حڪومت سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ بنگلاديش سان سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي.  ملاقات ۾ پاڪستان بنگلاديش لاڳاپن، خطي جي صورتحال ۽ ميڊيا جي شعبي ۾ سهڪار  کي هٿي وٺائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ بنگلاديش سان سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته پاڪستان اعليٰ سطحي دورن ۽ ثقافتي سهڪار ذريعي لاڳاپن کي نئين جدت ڏئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ ميڊيا جي شعبي ۾ سهڪار نهايت اهم آهي. فلم، ڊرامه ۽ ڊجيٽل ميڊيا ۾ شراڪت نه رڳو ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻيندي بلڪ خطي ۾ هاڪاري بيانئي کي هٿي وٺائيندي. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر محمد اقبال يونس  به طرفه لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ دوستي جا تاريخي ٻنڌڻ هميشه قائم رهندا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي لاڳاپن ۾ هاڪاري اڳڀرائي جو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو  ويو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن به موجود هئا.