وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن تي اين ڊي ايم اي جي ٽيم امدادي سرگرمين جي نگراني لاءِ پشاور پهچي وئي

اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن تي اين ڊي ايم اي جي ٽيم امدادي سرگرمين جي نگراني لاءِ پشاور پهچي وئي آهي، هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ ۾ هن وقت تائين 214 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. اين ڊي ايم اي جي ترجمان پاران جاري بيان  ۾ چيو ويو آهي، ته وزيراعظم جي هدايت موجب اين ڊي ايم اي خيبرپختونخوا جي صوبائي حڪومت ۽ …

اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن تي اين ڊي ايم اي جي ٽيم امدادي سرگرمين جي نگراني لاءِ پشاور پهچي وئي آهي، هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ ۾ هن وقت تائين 214 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. اين ڊي ايم اي جي ترجمان پاران جاري بيان  ۾ چيو ويو آهي، ته وزيراعظم جي هدايت موجب اين ڊي ايم اي خيبرپختونخوا جي صوبائي حڪومت ۽ پي ڊي ايم اي کي مڪمل سهڪار فراهم ڪري رهي آهي. اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومت کي امدادي سامان فراهم ڪري رهي آهي. گذريل شام اين ڊي ايم اي جي چيئرمين وزيراعظم کي سمورري صورتحال تي بريفنگ ڏني هئي. ترجمان چيو ته اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل سول ۽ عسڪري ادارن سان مڪمل رابطي ۾ آهي. اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل ادارن طرفان جاري امدادي ڪارروائين جي هر وقت نگراني ڪري رهي آهي. هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا ادارا قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته اترئين علائقن ۾ امڪاني برساتن جي صورت ۾ مٽيءَ جي ڇپن جي واقعن ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي. برسات ۽ ٻوڏ دوران محتاط رهڻ ۽ حفاظتي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. اين ڊي ايم اي سياحن کي گذارش ڪئي آهي ته ايندڙ 5 کان 6 ڏينهن تائين اترئين علائقن جو سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن. سخت برساتن، ٻوڏ، مٽيءَ جي ڇپن ڪرڻ ۽ کنوڻ سبب تازن واقعن ۾  214 ماڻهو خيبرپختونخوا ۾  فوتگيون ٿيون آهن. ڪي پي ڪي جي مختلف ضلعن ۾ برساتن جي نتيجي ۾ 21 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. تازن واقعن ۾ 55 ماڻهو گم به ٿي ويا آهن جن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. متاثر علائقن ۾ پي ڊي ايم اي سميت پاڪ آرمي، ضلعي انتظاميه، ريسڪيو1122 ۽ مقامي رضاڪار امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن.