راولپنڊي -16 آگسٽ (اي پي پي) چين ۾ پاڪ بحريه جي ٽئين هنگور ڪلاس آبدوز پي اين ايس ايم مانگرو جي لانچنگ تقريب منعقد ڪئي وئي. ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف پراجيڪٽ -2 وائيس ايڊمرل عبدالمصد تقريب جو خاص مهمان هو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب ان موقعي تي ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف پراجيڪٽ-2 وائيس ايڊمرل عبدالمصد چيو ته هنگور ڪلاس آبدوزو خطي ۾ طاقت جي …
چين ۾ پاڪ بحريه جي ٽئين هنگور ڪلاس آبدوز پي اين ايس ايم مانگرو جي لانچنگ تقريب منعقد

مزید خبریں
راولپنڊي -16 آگسٽ (اي پي پي) چين ۾ پاڪ بحريه جي ٽئين هنگور ڪلاس آبدوز پي اين ايس ايم مانگرو جي لانچنگ تقريب منعقد ڪئي وئي. ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف پراجيڪٽ -2 وائيس ايڊمرل عبدالمصد تقريب جو خاص مهمان هو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب ان موقعي تي ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف پراجيڪٽ-2 وائيس ايڊمرل عبدالمصد چيو ته هنگور ڪلاس آبدوزو خطي ۾ طاقت جي توازن ۽ امن استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، اهو پراجيڪٽ يقيني طور پاڪ – چين دوستي ۾ هڪ نئين رخ جو اضافو ڪندو. وائيس ايڊمرل عبدالمصد ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪ بحريه محفوظ ۽ گڏيل ماحول کي هٿي ڏيندي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان حڪومت چين کان 8 هنگور ڪلاس آبدوزون حاصل ڪرڻ واري معاهدي تي صحيحيون ڪيون هيون. معاهدي تحت 4 آبدوزون چين ۾ ۽ 4 ڪراچي شپ يارڊ ۾ ٽرانسفر آف ٽيڪنالاجي تحت حاصل ڪيون وينديون، اهي آبدوزون جديد ترين هٿيارن ۽ سينسرز سان ليس هونديون جنهن سان پري تائين هدف کي نشانو بڻائي سگهبو. لانچنگ تقريب ۾ پاڪستان ۽ چين جي اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي.











